ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪلي کانپوءِ ڄامشوري ضلعي جي ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي ۾ به ملازمن جي جعلي ڀرتين وارو اسڪينڊل ظاهر، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين معاملي جي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي،ان حوالي سان لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي اختيارين ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙي جي چيف ميونسپل آفيسر کي خط لکي هدايت ڪئي وئي ته ڀرتي ڪيل ملازمن جي ڀرتي بابت اشتهار، سروس رڪارڊ، بينڪ اسٽيٽمينٽ سميت ٻيو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي،