قمبر (رپورٽ: رحيم منگي ) مشهور درگاهه حسين آباد جو گادي نشين غلام حسين شاھ المعروف قمبر وارو سائين 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته غلام حسين شاهه کي دل جو آرزو به هو، اهڙي خبر پوڻ تي سوڳ ۾ ڪاروبار بند ٿي ويو، درگاهه تي مريد، عقيدتمند ۽ جماعت سان لاڳاپيل ماڻھو پهتا،غلام حسين شاهه جا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مريد آهن. غلام حسين شاهه جي جنازي نماز  اڄ  جمعي ڏينهن منجهند جو اڍائي بجي درگاهه حسين آباد ۾  ادا ڪئي ويندي، جتي سندس واقع قبرستان ۾ مٽيءَ ماء حوالي ڪيو ويندو،  ٻئي طرف ڊي سي قمبر طرفان اڄ قمبر تعلقي جي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آھي. غلام حسين شاهه کي 4 پٽن جو اولاد آهي، جنهن مان 3 پٽ وفات ڪري ويا آھن، جڏھن ته سندس ٻيو نمبر وڏو پٽ عطاالله شاهه درگاهه جو سجاده نشين آھي. درگاهه حسين آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آھن.