ٺٽي ۾ پ پ پاران مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جا انٽرويو تعلقي سطح تي وٺڻ جو اعلان

0
226
ٺٽي ۾ پ پ پاران مڪاني

ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) مڪاني چونڊ جي اعلانيل ٻئي مرحلي جي چونڊ فارمن جي نامزدگي فارمن جي وصوليءَ واري مرحلي جي شروع ٿيندي ئي پ پ پاران قائم ڪيل پ پ جي ضلعي اليڪشن بورڊ ٺٽي جي چئن ئي تعلقن جي تعلقي سطح تي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي

ان ڏس ۾ پ پ جي جوڙيل بورڊ ۾ شامل پ پ جي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود علام شاھ بخاري،  ايم اين اي شمس النساءَ ميمڻ، ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي، پ پ تعلقي جي صدر عبدالحميد سومرو سميت پ پ جي ذيلي تنظيمن يوٿ، هاري ، سپاف ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدرن جي نگراني ۾ پ پ تعلقي ٺٽي جي 16 يونين ڪائونسلن ، هڪ ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ هڪ ٽائون ڪاميٽي مڪلي تي اميدوار بيهارڻ لاءِ اميدوارن جا انٽريو ورتا ويا

جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي پ پ جي ضلعي جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي ۽ پ پ جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري سيد محمود عالم شاھ بخاري چيو ته پ پ پاران ضلعي ٺٽي جي چئن تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي 40 يونين ڪائونسلن ۽ 5 ٽائون ڪاميٽين ۽ هڪ ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو جي مڙني وارڊن اميدوارن بيهاريا ويندا هنن چيو ته پ پ جي قيادت پاران مڪاني چونڊ جي سلسلي ۾ اميدوارن جي سليڪشن لاءِ بورڊ قائم ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ حصي وٺندڙ اميدوارن جا انٽريو وٺڻ بعد اميدوارن جا نالا حتمي منظوري لاءِ مٿي پارٽي قيادت کي اماڻيا ويندا ۽ پارٽي قيادت جي منظوري بعد اهي ئي اميدوارن مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندا هنن چيو ته تعلقي ٺٽي جي اميدوارن جا انٽرويو ورتا ويا آهن جڏهن ته بورڊ جي منطوري بعد انهن جا نالا حتمي منظوري لاءِ مٿي پارٽي قيادت کي اماڻيا ويندا