ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) ٺٽي شهر ويجھو والدين سان گڏ دعوت تي آيل معصوم نينگري پراسرار طور گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، سندس ڀيڻ زخمي، پوليس پسٽل هٿ ڪري واقعي کي اتفاقي ڄاڻائي ڇڏيو. ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي واري ڳوٺ گل حسن سولنگيءَ ۾ گذريل ڏينهن اشرف گندرو جي گھر ۾ پراسرار طور پسٽل جي گولي مٿي ۾ لڳڻ ڪري مھمان ٿي آيل ڪينجھر ڍنڍ کنڀو مياڻ جي ڳوٺ عبدالله گندرو جي رھواسي پورھيت قاسم گندرو جي معصوم نياڻي ڏيڍ ورهين جي مائلا گندرو موقعي تي دم ڏنو. جڏھن ته سندس 7 ورهين جي ٻِي نياڻي فائزہ ڄنگھن ۾ گولين لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پئي. واقعي بعد فوتي ۽ زخمي ٻارڙيءَ کي سول اسپتال مڪلي پھچايو ويو، جتان زخمي نينگري کي علاج لاءِ ڪراچي اسپتال ريفر ڪيو ويو، فوتي ۽ زخمي ٻارڙيءَ جي پيءُ قاسم گندري ٻڌايو ته هو ڪينجھر ڍنڍ کنڀو مياڻ کان پنهنجي ڪٽنب سميت ٺٽي شھر لڳ ڳوٺ گل حسن سولنگي ۾ اشرف گندرو جي گھر دعوت تي آيل هئا، جتي گوليون لڳڻ ڪري سندس ڏيڍ سالن جي ڌيءَ مائلا مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻِي نياڻي ستن ورهين جي فائزه ڄنگهن ۾ گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته گھر ڌڻي ۽ مهمان ٿي آيل قاسم گندرو پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آهن. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ٺٽو ٿاڻي جي ايس ايچ او آفتاب جاگيراڻي ٻڌايو آهي واقعي جي اطلاع گھر ڌڻي اشرف گندرو پاران واقعي ۾استعمال ڪيل پسٽل تحويل ۾ ورتو آهي، جڏهن ته گھر ڌڻي اشرف گندرو خوف وچان ڀڄي ويو آهي. هن ٻڌايو ته هٿ ڪيل پسٽل کي تيل لڳل هو جنهن مان ابتدائي طور تي واقعو اتفاقي محسوس ٿي رهيو آهي، هن مهل تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.