ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ڪتن وڌيڪ 24 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻو ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 20 ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو، زخمين ۾ 10 ورهين جو دلشاد، 6 ورهين جو امتياز ، 50 ورهين جي عظيمان خاتون، 60 ورهين جو سڪندر ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي پاسي قمبر ۾ رولو ڪتن وڌيڪ 3 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، زخمين ۾ نوجوان رياض حسين، 32 ورهين جو نور محمد ۽ 6 ورهين جو سراج احمد شامل آهن، جن کي سول اسپتال ۾ وئڪسين ڪئي وئي. عثمان شاهه هڙي ويجهو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ايس پي ڪوٽ جي 5 سالا معصوم ٻارڙي لڇمي کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. وارثن موجب ٻارڙي راند ڪري رهي هئي اچانڪ ڪتي مٿان حملو ڪري ڏنو، کيس پي پي ايڇ آءِ اسپتال عثمان شاھ هڙي آندو ويو جتان وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس ڪيو ويو.