ٺٽو (رپورٽر ) جنگشاھي ويجھو ڪوھستاني پٽي جي جاکرا برادري سان تعلق رکندڙ رهواسين ھوتن جاکرو، درياءَ خان جاکرو، غلام رسول، محمد خان، اڪبر جاکرو ۽ ٻين ٺٽي پهچي پريس ڪلب اڳيان  نوري آباد پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانيهندي چيو ته 3 ڏينهن اڳ  گل احمد ونڊ پاور ڪمپني ۾ 6 چور داخل ٿي ٽامي جون قيمتي تارون چوري ڪندي سيڪيورٽي گارڊن سان اٽڪي پيا، جنھن ۾ ھڪ چور مارجي ويو، جڏھن ته2 چورن کي پڪڙي نوري آباد پوليس حوالي ڪيو، هنن چيو ته پوليس چورن خلاف ڪارروائي بدران  پڪڙيل چورن کي به آزاد ڪري سندن برادري جي 4 پورھيتن  مجيد جاکرو، جڙيو، ظھير ۽ ممتاز جاکرو جيڪي ڪمپني جا ملازم آھن، انھن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا ساڻن وڏي ناانصافي آھي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اصل جوابدار گرفتار ڪري بيگناهه گرفتار ڪيل 4 پورهيتن کي آزاد ڪيو وڃي.