هنڱورجا (ن پ ا) سول سوسائٽي ۽ مڱڻيجا برادري پاران 18 ڏينهن اڳ سکر مان کنڀي گم ڪيل سڳيون واسي نوجوان شاگرد سجاد مڱڻيجو ۽ هڱورجا جي مبينا طور اغوا ڄاڻايل 2 نوجوان ڪريم ڏنو مڱڻيجو ۽ تقي الله مڱڻيجو جي بازيابي لاءِ امتياز حسين مڱڻيجو، امام ڏنو مڱڻيجو، ايڊووڪيٽ ڌڻي بخش مڱڻيجو، وسيم مڱڻيجو، اسماعيل مڱڻيجو، الياس مڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڳيون واسي نوجوان شاگرد سجاد حسين مڱڻيجو کي 18 ڏينهن اڳ سکر مان نامعلوم ماڻهن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنهن جي ڪري سندس جا وارث سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن ان کانسواءِ گذريل ڏينهن نوجوان ڪريم ڏنو ۽ تقي الله منڱڻيجو پر اسرار نموني گم ٿي ويا جن اڄ پنهنجي وارثن کي فون ڪري ٻڌايو ته کين کي اغوا ڪيو ويو آهي اهڙو اطلاع هنڱورجا پوليس کي پڻ ڏنو آهي پر ان جي باوجود پوليس ٻنهي نوجوانن جي بازيابي جي لاءِ اڃا تائين ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سڳيون واسي شاگرد سجاد منڱڻيجو ۽ هنڱورجا جي ٽن نوجوانن تقي الله ۽ ڪريم ڏنو مڱڻيجو کي فوري طور تي بازياب ڪرائي سندن وارثن ۾ پکڙيل بي چيني کي دور ڪيو وڃي.