ٺل (ن پ ا) ٺل جي مال پڙي ختم ڪرڻ خلاف واپارين ۽ شهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محمد حسن ٻرڙو، بشير ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته پوليس بنا جواز مال پڙي بند ڪري روزگار ختم ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مال پڙي کولي مسئلو حل ڪيو وڃي.