ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) ٿاڻي بولا خان ۽ ڀرپاسي ڌار ڌار ڪارروايون ڪري ٻه ڄڻا گرفتار ڪرڻ بعد منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٿاڻوبولاخان پوليس يوسي سري جي مين روڊ تي چيڪنگ دوران ميھڙ واسي منير ولد سڪندر چانڊيو کي گرفتار ڪري گٽڪي جون 300 پريون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي سول ڪورٽ ٿاڻوبولاخان جوابدار کي 14 ڏينھن جي لاءِ سب جيل ٿاڻوبولاخان اماڻي ڇڏيو . ٻئي پاسي موٽر وي ايم نائين لوڻي ڪوٽ پوليس ٿاڻي جي حد دوران اطلاع ملڻ تي دادو واسي بھادر ولد اصغر ڪورائي کي گرفتار ڪري قبضي مان نشي آور شراب جون 2 بوتلون ۽ پوليس اسٽيشن رضويا ضلع سينٽرل ڪراچي جي حد مان چوري ٿيل 125 موٽر سائيڪل رڪور ڪري سندس خلاف ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آھن. جوابدار کي سيشن ڪورٽ ڪوٽڙي ۾ پيش ڪيو جتان عدالت کيس 14 ڏينھن جي لاء نارا جيل حيدرآباد اماڻي ڇڏيو.