ٺاروشاھ ڀرسان پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي زندگيءَ کي خطرو

0
428

ٺاروشاھ(ن پ ا) ٺاروشاھ ڀرسان پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي زندگيءَ کي خطرو، ڳوٺ جا بااثر ڪارو ڪري مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آھن تحفظ ڏئي زندگي بچائي وڃي.

ڳوٺ ميوو خان چانڊيو واسي پريمي جوڙو رينا چانڊيو ۽ عابد چانڊيو دانهيندي ٻڌايو ته پنج سال اڳ مائٽن منهنجي شادي بلاول چانڊيو سان ڪرائي هئي جيڪو مونکي بلاجواز روز تشدد ڪندو هو، جنهن مون کي هڪ سال اڳ طلاق ڏني هئي ۽ مان عدد پورو ڪري ڳوٺ جي نوجوان عابد چانڊيو سان پيار جو پرڻو ڪيو آھي.

هن چيو ته پيار پرڻو ڪرڻ تان منهنجو اڳوڻو مڙس بلاول چانڊيو ڳوٺ جو بااثر انجنيئر ممتاز چانڊيو الاهي بخش چانڊيو صالح اسد رسول بخش چانڊيو ۽ ٻين منهنجي مڙس جي گهر تي حملو ڪري سندس ماءُ کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري گهر مان ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان کڻي گهرڀاتين کي گهر مان ڪڍي گهر کي تالا هڻي قبضو ڪري ڇڏيو.

هن چيو آهي ته مونکي ۽ منهنجي مڙس کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آھن، بااثر انجنيئر ممتاز چانڊيو اسان جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي، پوليس به اسان جي مدد نه پئي ڪري، جنهن سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون.

هنن وس وارن، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي زندگيون بچايون وڃن نه ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.