سڪرنڊ ۾ پيءُ پٽ کي گهران ڪڍي نُنھن سان مبينا شادي ڪري ڇڏي

0
630

سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ مير محمد ڪيريو جي رھواسي اياز علي پنھنجي پٽ کي مارڪٽ ڪري نشو ڏئي گھران ڪڍي ننھن سان مبينا شادي ڪري ڇڏي.

شھزاد علي دانھيندي چيو آهي ته منھنجي پيءُ اياز علي منھنجي شادي ٻه سال اڳ ڪشمير مان ڪرائي ھئي ۽ ھاڻي مون کي مارڪٽ ڪري نشي واري حالت ۾ گھران ڪڍي منھنجي زال سان شادي ڪئي آھي، جنھن کي 3 ڏينھن گذري ويا آھن.

ھن چيو آهي ته اڃان منھنجو نڪاح ٽٽو ئي ناھي ته منھنجي سھري لعل خان 10 لک رپيا روڪ ۽ 15 لک جا پلاٽ وٺي ڇوڪري جي شادي منھنجي پيءُ سان ڪرائي، جنھن ۾ رحمان ڀيو ۽ پٺاڻ ڀيو به شامل آھن.

 ھن  مطالبو ڪيو آھي ته مون سان انصاف ڪري منھنجي والد کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ منھنجي زال کي منهنجي حوالي نه ڪيو ويو ته پاڻ کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيندس.