ماسڪو (م ڊ) روس يوڪرين تي حملن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ايٽمي صلاحيتن وارا ميزائل بيلاروس موڪلڻ  جو اعلان ڪيو آهي. روس جوهري هٿيارن سان ليس نيٽو جي اڏامن جو بهانو بڻائيندي اعلان ڪيو آهي ته مهينن جي اندر ايٽمي صلاحيتن وارا ميزائل بيلاروس موڪليا ويندا. ان ڳالهه جو اعلان صدر پيوٽن بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي روس جي دوري دوران هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڪيو هو. پيوٽن بيلاروسي جنگي جهازن کي اپ گريڊ ڪرڻ جي آڇ به ڪئي ته جيئن هو جوهري هٿيار کڻي وڃڻ جوڳا هجن.