لاهور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽ ڪرائم جي وڌندڙ وارداتن تي ڳڻتي  جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي راءِ رڳو ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان ئي مٽجي سگهي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي دوست محمد مزاري سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جو تحفظ يقيني بڻائين. شهباز شريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف سموري قوم هڪ موقف تي متفق آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي جڏهن ته پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن جي ڪردار کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو، گذريل چئن سالن ۾ صوبن جو ڪردار نظرانداز ڪرڻ سان دهشتگردي ۾ واڌ ٿي، ملڪي معيشت جي بحالي ۽ ترقي لاءِ امن امان جو يقيني هجڻ بنيادي گهرج آهي.