عمرڪوٽ (رپورٽر) وڏو وزير مراد علي شاهه عمرڪوٽ جي دوري بعد واپس ويندي ڇاڇرو عمرڪوٽ روڊ جي ٻنھي طرفن کان بيٺل ٻوڏ متاثرن کي ڏسي گاڏي روڪي ساڻن مليو، جنهن دوران متاثرن وڏي وزير آڏو سهولتون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون، جنھن تي وڏي وزير کين آٿت ڏيندي چيو ته اوهان جا مسئلا حل ٿي ويندا، آفيسرن کي هدايتون ڪيون آهن، ان موقعي تي متاثرن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ نعريبازي پڻ ڪئي،