ڪراچي( م ڊ) سنڌ آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر 2 ظريف کيڙو چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتي پاڻي ۾ لاٿ اچي رهي آهي، هاڻي ڪٿي به ڪٽ لڳائڻ جِي ضرورت ناهي، ڪير ائين نه سمجهي ته ڪٽ لڳائڻ سان فوري رليف ملندو، ڪٽ کانپوءِ به پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ٻه هفتا لڳي سگهن ٿا: ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي  هن چيو ته جيڪي علائقا ٻڏڻا هئا، اهي ٻڏي ويا، هاڻي ڪو به علائقو ٻوڙي نٿو سگهجي، اسپائنل ڊرين ( ايل بي اوڊي) هڪ سيڪنڊ ۾ 12 هزار ڪيوبڪ فوٽ ( 12000 ڪيوسڪ ) پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائي رهي آهي، ايل بي اوڊي جَي بندن تي دٻاءُ هجڻ باوجود صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، هاڻي پُراڻ ڍوري کي آر ڊي 210 وٽ ڪٽ لڳائڻ جِي ضرورت ناهي…………..