ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز: پاڪستاني اسڪواڊ جي تربيتي ڪيمپ شروع

0
321

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز جي تيارين لاءِ پاڪستان ٽيسٽ اسڪواڊ جي تربيتي ڪيمپ ڪراچي ۾ شروع ٿي وئي آهي، 10 ڏينهن واري ڪيمپ جي پهرين ڏينهن رانديگرن نيٽس تي ٽريننگ ڪئي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ اين ايڇ پي سي ڪوچز جي نگراني ۾ شروع ٿيل ڪيمپ ۾ ٽيسٽ اسڪواڊ جي 11 ميمبرز کانسواءِ مختلف فارميٽس جي پرفارمرز کي به گهرايو ويو. پهرين ڏينهن رانديگرن منجهند 3 وڳي کان شام ڇهين وڳي تائين ثقلين مشتاق، محمد يوسف ۽ مشتاق احمد جي نگراني ۾ ٽريننگ ڪئي. فاسٽ بالر ۽ اسپنرز ڌار ڌار نيٽس پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته فيلڊنگ جي پريڪٽس به خوب ڪئي وئي، ڪيمپ 17 جولاءِ تائين جاري رهندي. پهرين ڏينهن ٽريننگ کانپوءِ خميس تي رانديگرن وچ ۾چار ڏينهن واري سينياريو بيسٽ ميچ شروع ٿيندي، جنهن ۾ رانديگرن کي مختلف هدف ڏنا ويندا.