مقصودو رند ۾ بخش علي رند اليون ڪامياب

0
344

مقصودو رند (رپورٽ: بهادر رند)مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ 42ھين مئچ ۾ بخش علي رند اليون ڪاميابي حاصل ڪري پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. 42ھين مئچ ۾ بخش علي رند اليون ۽ مير حسن رند اليون آمھون سامھون ٿيون. ميچ ۾ بخش علي رند اليون پھريان بيٽنگ ڪندي فياض احمد رند جي 43 رنسن جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 146 رنسون ٺاھيون. جواب ۾ ميرحسن رند اليون غلام علي بروهي جي 16 رنسن جي مدد سان 65 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اھڙي ريت بخش علي رند اليون پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، شفيق الرحمان رند کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.