وفاقي ڪابينا ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
163
ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه
وفاقي ڪابينا ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ڪيپٽِوَ پاور پلانٽس لاءِ گئس جا اگهه 2.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪيپٽوَ پاور پلانٽس کي  6.5 ڊالرز بدران 9 ڊالرز في ايم ايم بي ٽي يو گئس وڪرو ڪئي ويندي

گئس اگهن ۾ واڌ 15 نومبر 2021ع کان مارچ 2022ع تائين لاڳو هوندي،  ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ گئس جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هر سال گئس جي پيداوار 9 سيڪڙو گهٽجي رهي آهي، سياري ۾ توانائي ۽ ڀاڻ انڊسٽري سوڌو گهريلو استعمال لاءِ گئس جي گهرج وڌي وئي

گئس سپلاءِ يقيني بنائڻ لاءِ ايل اين جي گهرائڻي پئجي رهي آهي، اجلاس ۾ پيٽرول جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون پيش، وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي…