وزيراعظم ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

0
300

وزيراعظم شهباز شريف ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به تقريب ۾ شريڪ هئا

وزيراعظم شهباز شريف ٿر جي هڪ ڏينهن واري ياترا تي اسلام ڪوٽ جي شهيد مائي بختاور ايئرپورٽ پهتو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر آهي، ٿرڪول مان بجليءَ جي پيداوار لاءِ عملي قدم شهيد بينظير ڀٽو کنيو

نوازشريف ۽ آصف زرداري 2014 ۾ ٿرڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو، وزيراعظم ۽ بلاول ٿرڪول پاور پلانٽ جو افتتاح ڪري نئين تاريخ ٺاهي آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان پاڻ وڏو ضمير فروش نڪتو: وزير اعظم