اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن کي 88 ارب رپيا روڪ امداد ۽ مختلف شين جي فراهمي جي صورت ۾ فراهم ڪيا ويا آهن، جن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 70 ارب ۽ اين ڊي ايم اي ذريعي 18 ارب جون شيون تقسيم ڪيون ويون آهن، جن ۾ ڪمبل، خوراڪ جون شيون ۽ ٻيو سامان شامل آهي.