ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي مجموعي کوٽ 38.82 سيڪڙو آهي، گڊو بيراج تي 35 سيڪڙو، سکر بيراج تي 33.9 ۽ ڪوٽڙي وٽ 50.4 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ رڳو 6.27 سيڪڙو پاڻي کوٽ آهي. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو ته پنجاب حڪومت غلط بياني ڪري رهي آهي، اسان ته لاڳيتو 91ع پاڻي ٺاهه تحت پاڻي ورڇ جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، هي ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪري ٿو، جنهن جو پاڻي ٺاهه ۾ ذڪر ئي ناهي، جيڪا زيادتي آهي، هن چيو ته ارسا جي غلط فارمولي سبب اڄ ڏسو ته پنجاب جي حصي مان 7 هزار ڪيوسڪ ۽ سنڌ جي حصي مان 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، ننڍي صوبي جي حصو جو پاڻي وڏي صوبي کان به وڌيڪ ڪٽيو ويو آهي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ پاڻي جي پيمائش لاءِ نيوٽرل امپائر واري پنجاب جي آبپاشي وزير جي مطالبي بابت سهيل انور سيال چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت هڪ پاسي ٿي ويهي رهيا، ون ٿرڊ جي اڪثريت سان ٽي پي لنڪ ڪنال رد ڪيو ويو هو، رڳو پنجاب ٽي پي لنڪ ڪنال کولڻ جو حامي هو، مون اهو معاملو وزيراعظم آڏو اٿاريو ته پنجاب حڪومت وزيراعظم سامهون سڌو جواب ڏنو ته ڪنال بند نه ڪنداسين، هنن کي قانون نظر ئي نه ٿو اچي، هي مرضي موجب هلي رهيا آهن. آبپاشي وزير سهيل انور سيال چيو ته پاڻي معاملي تي جنهن به فورم تي گهرايو ويندو آهي اتي ويندا آهيون، سنڌ جو ڪيس هر هنڌ وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين. هن چيو ته وزيراعظم آڏو ارسا چيئرمين جي اڍنگي رويي خلاف آواز اٿاريو ۽ مطالبو ڪيو ته کيس هٽايو وڃي، وزيراعظم وٽ ڀرپور پاڻي ڪيس وڙهيو، وزيراعظم جي اجلاس ۾ ڪي پي، پنجاب ۽ سنڌ جا نمائنده هئا، بلوچستان جي ڪنهن نمائندن کي گهرايو ئي نه ويو هو، جڏهن ته ارسا جي اجلاس ۾ ڪي پي ۽ بلوچستان سنڌ جي موقف جي حمايت ڪندي ٽي پي لنڪ ڪنال کولڻ جي مخالفت ڪئي هئي، اها ئي ڳالهه جڏهن مون وزيراعظم آڏو ڪئي ته ڪي پي ڪي به ٽي پي لنڪ ڪنال کولڻ خلاف سنڌ جي حمايت ڪئي آهي ته ڪي پي جي وزيراعليٰ خاموش رهي جهڙي ريت حمايت ڪئي. سنڌ ۾ پاڻي چوري بابت سوال جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته پ پ چيئرمين عوامي ليڊر آهي، سندس هدايتن تي پاڻي چوري خلاف سخت قدم کڻي رهيا آهيون. صوبائي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته فهميده مرزا پ پ جي 14 سالن جي دور ۾ 5 سال اسپيڪر ۽ 5 سال پ پ جي ايم اين اي رهي، ڇا پاڻ به سليڪٽڊ هئي، لاڙ ۾ خاص ماڻهن کي پاڻي ڏيڻ بابت فهميده مرزا غلط بياني ڪري رهي آهي، هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو تازو بدين لاءِ ساڍا 3 ارب رپين جي منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي، جنهن تحت پاڻي بدرين طرف ويندو، فهميده مرزا ته پنهنجي علائقي ۾ اچڻ لاءِ به تيار ناهي، لاڙ ۾ خاص ماڻهن کي پاڻي ڏيڻ بابت فهميده مرزا غلط بياني پئي ڪري.