اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث نه ٿي سگهيو، اسپيڪر پاران طلب ڪرڻ باوجود ڪنهن به وزير پاڻي صورتحال بابت بريفنگ نه ڏني، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو ڪالهه اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر سيد نويد قمر، شازيه مري، سيد حسين طارق، شميم آرا پنهور، مهيش ڪمار ملاڻي جو 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ بابت وفاقي سرڪار جو ڌيان ڇڪائڻ بابت ڌيان طلب نوٽيس ايجنڊا ۾ هو، پر ان تي بحث نه ٿي سگهيو، اسپيڪر پاران هدايتن باوجود پاڻي مامرن جي وزير سميت ڪنهن وزير پاڻي صورتحال تي بريفنگ نه ڏني ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ اعلان مدي تائين ملتوي ڪيو ويو، هاڻي قومي اسيمبلي جو بجيٽ سيشن طلب ٿيندو، جنهن ڪري جون مهيني تائين قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن به رٿ تي بحث نه ٿي سگهندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي وفاقي وزير فهميدا مرزا چيو ته آئون سنڌ ۾ ٿيندڙ قانون جي ڀڃڪڙين ۽ چونڊ ضابطي جي لتاڙ بابت دستاويز پيش ڪرڻ چاهيان ٿي، پر اسپيڪر کيس اجازت نه ڏني، اجلاس کان پوءِ ڊاڪٽر فهميدا مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي صورتحال تي بحث ٿيڻو هو پر پ پ ميمبرن ڪورم جي نشاندهي ڪري بحث ٿيڻ نه ڏنو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن ڪورم جي نشاندهي ڪري سنڌ کي نقصان ڇو پهچايو؟، وزير کي پارليامينٽ ۾ اچي پاڻي صورتحال بابت بريفنگ ڏيڻ گهرجي ها، سنڌ سان پاڻي مامري تي زيادتي ٿي رهي آهي، هن چيو ته مون ارسا پاران سنڌ سان ٿيندڙ پاڻي ورڇ ۾ زيادتي تي به ڳالهايو، سنڌ ۾ مخصوص ماڻهن کي پاڻي فراهمي لاءِ ٿيندڙ زيادتي تي ڳالهايان ٿي ته مون تي ايوان اندر حملا ٿين ٿا، پنهنجي ذات جي ڳالهه نه ڪئي هئي، منهنجي گهر جو پاڻي ته هنن پهريان ئي بند ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ٺٽو، بدين، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپور خاص ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، سنڌ جو پاڻي ڪجهه خاص ماڻهن تائين پهچايو وڃي ٿو، هن چيو ته مون وٽ 19 آرڊر آهن جيڪي غيرقانوني جاري ڪيا ويا ۽ اهي سنڌ حڪومت جا آرڊر چونڊ ضابطي جي به خلاف آهن، اليڪشن ڪميشن کي به موڪلينديس، سيڊا ۾ ڪرپٽ ماڻهو ويٺل آهن، هن چيو ته پيپلز پارٽي وارا هر شئي کي سياسي رنگ ڏين ٿا، ان ڪري سنڌ جا جائز مسئلا به حل نه ٿا ٿين، هن دعويٰ ڪندي چيو ته سکر بيراج تي 13 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 50 کان 60 سيڪڙو پاڻي کوٽ ڪٿان جو انصاف آهي؟، ان جو الزام ته ارسا تي نه ٿو هڻي سگهجي، هن چيو ته منهنجي زندگي کي تڏهن کان خطرو آهي جڏهن کان مون سنڌ جي ماڻهن سان زيادتي بابت ڳالهايو، لوئر سنڌ اڄ ريگستان بڻيل آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به سم نالي يا شاخ جي کاٽي نه ٿي آهي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ پارلياماني سيڪريٽري عاليه حمزه چيو ته ارسا قومي ادارو آهي، پاڻي سنڌ ۾ ڪوٽڙي کان پوءِ چوري ٿي رهيو آهي، سنڌ بلوچستان جو 61 سيڪڙو پاڻي به پاڻ استعمال ڪري رهي آهي.