واشنگٽن پوليس جو ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ هيڪ، ڀنگ طلب

0
382

واشنگٽن(دلچسپ نيوز) واشنگٽن پوليس جو ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ هيڪ، ڀنگ طلب ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ۾ رينسم ويئر گروپ بابوڪ پوليس کاتي جو ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ هيڪ ڪري ڇڏيو آهي، بابوڪ گروپ پوليس کي رابطي لاءِ ڌمڪي ڏيندي ڀنگ به طلب ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڀنگ نه ملي ته پوليس مخبرن جي حساس ڄاڻ جاري ڪري ڇڏينداسين. ٻئي طرف پوليس کاتي جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي سرورز ۾ غيرلاڳاپيل رسائي کان آگاهه آهيون،ان جي اثرن جو جائزو ورتو پيو وڃي، ايف بي آءِ سان به رابطو آهي.واضح رهي ته آمريڪا ۾ مختلف سرڪاري کاتن جا ڪمپيٽر سسٽم هيڪ ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي هيڪرز رينسم ويئر نالي هڪ نيٽ ورڪ جوڙي ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد سرڪاري کاتن جا ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ سسٽم هيڪ ڪري انهن کان ڀنگ طلب ڪرڻ آهي.