هڱورجا (ن پ ا) هڱورجا پوليس مبينا مقابلي ۾ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ چوريءَ جي موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل موجب هڱورجا ٿاڻي جي حد سڳيون لنڪ روڊ پير مشائخ قبرستان جي سامهون مبينا پوليس مقابلي ۾ 3 جوابدارن کي روشن بروهي، امان الله بروهي، شهزادو عرف پتاشو چانڊيو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف، هڪ ٽي ٽي پستول ۽ چوري جي 125 موٽر سائيڪل بر آمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ايس ايچ او هڱورجا خالد حسين ڏاهري پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪيل ٽنهي ڏوهارين مٿان خيرپور، نوشهروفيروز ۽ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي چورين، ڦرين ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل آهن ۽ ٽيئي وڏا ڏوهاري آهن، جن کي مقابلي بعد گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن هڱورجا ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آءِ مير محمد ڀٽو جي مدعيت ۾ پوليس مقابلي ۽ 13 ڊي جا 4 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.