قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو لاکاٽ موري وٽ ٻن چنگچي رڪشائن ۾ آمھون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن اسڪولي شاگردن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ دلدار جتوئي، شھربانو، سھڻي، ظھيران، اذان، سجاد، اسد کوسو ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ھڪ ڄڻي اسد الله کوسو جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس نواب شاھ منتقل ڪيو ويو.