ڪراچي: بحريا ٽائون انتظاميا طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بحريا ٽائون ۾ پيش آيل پرتشدد واقعو دهشتگردي آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي، بحريا ٽائون ڪراچي روشن سنڌ جي سڃاڻپ آهي، ان جي ساک کي نقصان پهچائڻ لاءِ منظم سازش، دهشتگردي ۽ اشتعال انگيزي ڪئي وئي، سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي خاموشي به سواليه نشان بڻيل آهي، ڇا ملڪ ۾ ترقي ۽ سٺي ڪم جي هي سزا آهي؟ ڇا سنڌ ۾ عوام لاءِ بهترين ڪميونٽي ٺاهڻ جو هي نتيجو ڀوڳڻو پوندو؟ ڇا بحريا ٽائون ۽ ان جي رهواسين لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن؟ ڪير هڪ انچ قبضو يا غيرقانوني ڪم ثابت ڪري ته بحريا ٽائون ان جو ذميوار هوندو، بحريا ٽائون اڳ ۾ به آزاداڻي جاچ کي منهن ڏنو آهي.