هدايتڪارن جون فرمائشون پوريون نه ڪرڻ سبب بالي ووڊ ۾ وڌيڪ ڪم نه مليو:نرگس فخري

0
506

ممبئي (شوبز نيوز) آمريڪي نسل جي بالي ووڊ اداڪارا نرگس فخري انڪشاف ڪيو آهي ته هدايتڪارن جون فرمائشون پوريون نه ڪرڻ سبب کيس بالي ووڊ ۾ وڌيڪ ڪم نه مليو. اداڪارا نرگس فخري 2011 ۾ بالي ووڊ جي فلم راڪ اسٽار ۾ ڪم ڪري شهرت ماڻي جڏهن ته سندس خوبصورتي ۽ اداڪاري جا پڻ وڏا چرچا ٿيندا رهيا. اداڪارا پنهنجي هڪ تازي انٽريو ۾ چيو آهي ته مون کي شهرت جي لالچ نه هئي انڪري بالي ووڊ هدايتڪارن جون غيراخلاقي فرمائشون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته منهنجي ان انڪار سبب بالي ووڊ جا وڏا پراجيڪٽ نه مليا پر خوش آهيان ته ڪوبه غلط ڪم ڪرڻ کان بچي ويس. هن چيو ته مون هميشه عزت ۽ وقار جي ڳولا ۾ وقت گذاريو آهي جيڪو مونکي بالي ووڊ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيو. پنهنجي اخلاق کي برقرار رکڻ واري عادت ۽ مونکي غلط ڪم ڪرڻ کان روڪي رکيو.