ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي جي سرڪار اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ ۽ ميديڪل عملو غير حاضر هجڻ واريون خبرون هلڻ بعد پ پ پ ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ نوٽيس وٺي سرڪار اسپتال جو دورو ڪيو، پ پ ايم اين اي ابرار علي شاھ پاران اسپتال ۾ شھرين کي ڪورونا ويڪسين لڳرائي، ان موقعي تي سيد ابرار شاھ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ خطرناڪ ڪورونا وائرس جي لھر آھي، شهري ايس او پيز تي عمل ڪري ماسڪ لازمي پائين، هن چيو ته اسپتال انتظاميا کي هدايتون ڪيون آهن ته مريضن کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.