ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي مان صفائي عملي جي ملازمن جبري برطرفين خلاف ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازم پورھيتن الياس مسيع، عرفان مسيع، اعجاز مسيع، نيبل مسيع ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو تـ اسان سالن کان ڪم ڪري رھيا آھيون پر ٽائون صرف ھڪ ڪرپٽ ڪلارڪ فيض جتوئي وٽ سالن کان يرغمال بڻيل آھي جيڪي پنھنجي من ماني ڪندي اسان غريبن ي جبري طور ھٽائي ڇڏيو آھي. سڄي ٽائون مان سري عام ڪرپشن ڪري رھيا آھن ڪيرائي ڀيرا اينٽي ڪرپشن وارا ڪرپشن جي الزام ھيٺ کيس گرفتار ڪيو اٿن اسان جا اڳوڻي ۽ ھاڻوڪي ٽائون آفيسر اسان جي صفائي جي عملي جي 65 ملازمن مان 35 ملازم جبري برطرف ڪري ڇڏيا آھن انھن جو ڪھڙو ڏوھ آھي؟ جيستائين اسان جي بلاجواز برطرف ڪيل ملازم بحال نه ڪيا ويا تـ احتجاج جاري رهندي.