ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته برسات بعد روڊن رستن تي پاڻي بيھجي ويو آهي، بجلي بند ٿي وئي آهي، اوھان جي علائقي ۾ ڇا صورتحال آھي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته برسات کانپوءِ روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، رستن تي هلڻ مشڪل ٿي ويو آهي، برسات کانپوءِ بجلي به بند ٿي وئي آهي جنهن ڪري عوام لاءِ ٻٽو عذاب ٿي ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته اسان وٽ رات جو ڪجهه ڦڙيون پيون بجلي بند ٿي وئي وري نه آئي آهي اها حيسڪو وارن جي نا اهلي آهي، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل ٽن ڏينهنن کان بجلي بند آهي، جاويد هڪڙو لکيو ته شڪارپور ۾ برسات نه پئي آهي پوءِ به 11 ڪلاڪ بجلي بند رهي، غلام علي گل لکيوته برسات کانپوءِ بجلي بند آهي، گهٽين ۽ رستن تي گندگي وڌي وئي آهي، عالم مصطفيٰ شاهه لکيو ته برسات سٺي پئي آهي، شنڪر باغي لکيو ته چيلهار ۾ برساتن کان اڳ ۾ به عوام رڙيون پئي ڪيون ته ڊرينيج جي نظام کي درست ڪريو پر ڪنهن به نٿي ٻڌي، سڪندر علي لکيو ته ٽالهي شھر ۾ ڪابه صفائي سٿرائي نه آهي، محمد اشرف لکاڻي لکيو ته ميرپور ساڪرو ۾ برسات کانپوءِ روڊن تي پاڻي بيٺل آهي، نماڻو نوناري لکيو ته برسات بعد روڊن رستن جي حالت خراب ٿي ويندي آهي، عبدالقادر عباسي لکيو ته اسان جي شھر لاڙڪاڻي ۾ برسات کان پھريون ئي مختلف علائقن ۾ گندو پاڻي بيٺل آھي. اسان جي لاڙڪاڻي ۾ ڊرينيج جو نظام اڳ ئي خراب آھي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته برسات ته بند ٿي ويندي آهي پر پاڻي نيڪال ناهي ٿيندو، علي گوهر سومرو لکيو ته اسان وٽ برسات نه وسي آھي، هزار خان لکيو ته گهوٽڪي ۾ شديد گرمي آهي، برسات ناهي ٿي، خادم ايچ سومرو لکيو ته بجلي جو جتي ڪٿي بحران آهي، مظهر عباسي لکيو ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي اها آهي ته ڊرينج سسٽم ئي ناھي سڌاري سگھي، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته نيوڇور ۾ هر هنڌ برساتي پاڻي موجود آهي شهر جا گٽر نالا اٿلي پيا آهن، بشير ميراڻي لکيو ته روڊن رستن تي پاڻي آهي ڪيترن ئي سالن کان وٺي روڊن جي مرمت ناهي ڪرائي وئي، روڊ تي برسات کانپوءِ هلڻ ڦرڻ ڏکيو آهي،اعجاز بجير لکيو ته اسين ٿرپارڪر جا مارو ماڻھو ڏاڍا خوش ٿيا آھيون نه پاڻي بيٺو نه گپ چڪ، انجوائي پيا ڪريون برسات، بس کنوڻ ڪرڻ کان الله بچائي سڀني کي، وسڪارو ٿئي مال مارو خوش ٿين ٿا. عثمان پنهور لکيو ته سڄي سنڌ جو ساڳيو حال آھي، گلشير سومرو لکيو ته درياخان مري ۾ بارش ھجي يا نه بجلي هوندي ئي ناهي، طارق باجڪاڻي لکيو ته تنگواڻي ۾ برسات نه پئي آهي، باقي بجلي بند آهي، جتيش لکيو ته عمرڪوٽ ۾ ويھن ڪلاڪن کانپوءِ هاڻي بجلي بحال ٿي آهي، باقي صفائي جي صورتحال سڄي سنڌ جيان هتي به ڪا چڱي ڪونهي، ابراهيم مخدوم لکيو ته کورواھ سان به ساڳيو حال آھي بجلي بند آھي روڊ گھٽيون گندگي جي ور چڙھيل آھن، عبدلهادي بڙدي لکيو ته اسان وٽ باکوڙي ۾ بلڪل ٿوري برسات پئي آهي هاڻي ته لائيٽ اچڻ جو نالوئي نه ٿي وٺي، جنيد بلوچ لکيو ته اسان جي محلي ڀريا ٽائون ماڊل ٽائون ڄامشورو جي بري حالت آھي، تيز برسات سبب رستن تي پاڻي بيٺو آھي، حمير گل سنڌي لکيو ته ڪرونڊي ۾ گرمي آهي برسات لاءِ واجهائي رهيا آهيون، غلام خان باجڪاڻي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ بارش ناهي ٿي، گرمي گهڻي آهي، آفاق پتافي لکيو ته سکر ضلعي ۾ برسات ناهي پئي، ڊي ڪي بلوچ لکيو ته دادو ۾ برسات اڃا نه پئي آهي، برسات پئي ته سڄو دادو ٻڏي ويـندو آھي روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويندا آھن، عثمان ڪلوئي لکيو ته لکيو ته دلور شهر ۾ هلڪي برسات پئي آهي، موهن لال لکيو ته رڳو ڦڙو پٽ پئي ته لائيٽ بند ڪيو ڇڏين. مٺي ٿرپارڪر ۾ هون به سئو سيڪڙو بل پيارا وڃن ٿا پر پوءِ به بجلي برسات دوران بند رهي ٿي، رات کان بجلي غائب ٿي وئي آهي جنهن جي اچڻ جو ڪو شيڊول ناهي، لغاري امان الله لکيو ته ٽنڊوالهيار ۾ برسات پئي آهي جنهن بعد بجلي وئي ته اڃا نه آئي آهي، روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي، سڌير ڪمار لکيو ته تنگواڻي ۾ برسات نه ٿي آهي، شوڪت هالو لکيو ته برسات سبب سجاول جي شھر جي گھٽين ۾ گٽر نالا اٿلي پيا آھن، پاڻي بيھڻ سبب اچ وڃ ۾ تڪليف ٿي رھي آھي بجلي جو نظام به رات کان وٺي درهم برهم آهي، اعجاز رفيق منڌرو لکيو ته سيراڻي ۾ برسات سبب ٿنڀا ڪري پوندا آهن جيڪي ٺاهڻ ۾ ٻه هفتا لڳي ويندا آهن، ايم صادق کوسو لکيو ته قهر جي گرمي ۾ به بجلي آهي، احسان سومرو لکيو ته برسات کانپوءِ هفتي لائيٽ بند ٿي ويندي آهي، هالار ياسين لکيو ته دادو ضلعي جا ماڻهو برسات لاءِ واجهائي رهيا آهن، نويد اختر ڪلوئي لکيو ته اسان وٽ برسات نه ٿي آهي. عامر حسين لکيو ته پندرنھن سالن کا روڊ جي مرمت جو ڪم ٿيڻ جي ڪري اسان وٽ برسات وسڻ بعد تمام بري حالت ھوندي آهي، غلام رسول راهمون لکيو ته عمرڪوٽ ۾ رات کان برسات هلي ٿي بجلي رات کان بند آهي، حبيب الله عمراڻي لکيو ته نيوڇور شهر ۾ برسات اچڻ کان پوءِ ماڻهن جو شهر ۾ هلڻ مشڪل ٿي ويو گٽر نالن جو گندو پاڻي مسڪينن جي گهرن ۾داخل ٿي ويو، سينگار علي لکيو ته سڄي سنڌ جو ساڳيو حال آھي، رزاق ڍاٽي لکيو ته پٿوري ۾ به ساڳيو حال آھي بجلي بند آھي روڊ گھٽيون گندگي جي ور چڙھيل آھن. شمس الدين رند لکيو ته ڇاڇرو جي ڳوٺ سمون رند ۾ بجلي ناهي.