رتيديري جي مبارڪ شاهه قبرستان جي سار لهو!
رتوديرو انتظاميا جي بيڌيانيءِ سبب مبارڪ شاهه قبرستان مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي، افسوس جي ڳالهه آهي جو شهر جي هن تاريخي قبرستان سان انتظاميا ويڌن پئي ڪري، قبرستان تي قبضا ٿي رهيا آهنم نه لائيٽنگ نه ئي پڪا رستا ٺهيل آهن. قبرستان جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيترائي ميونسپل جا ملازم آفيسرن جي آشيرواد سان گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا آهن. انهن جي نظرثاني نه هئڻ ڪري شهرين طرفان پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي لاءِ لڳايل نلڪا چوري ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهي ۽ اتي لڳايل وڻ ۽ ٻوٽا سڙڻ لڳا آهن، جڏهن ته رولو ڪتا قبرن کي کوٽي انهن جي بيحرمتي ڪري رهيا آهن، جنهن سبب ميتن جي تدفين ۽ پنهنجن پيارن جي قبرن تي قل ۽ فاتحه خواني لاءِ ايندڙ ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته انتظاميا جي نااهلي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ هن تاريخي قبرستان کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
ثقلين حيدر/رتوديرو
چيلهار واسين جو پاڻي جو مسئلو حل ڪريو!‎‎
چيلهار ۾ پاڻي جي سهوليت لاءِ پبلڪ هيلٿ پاران 2000ع ۾ مختلف هنڌن تي پنج بور لڳايا ويا ۽ ھڪ پاڻي اسٽور ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏو حوض ٺاهيو ويو، جنهن ۾ سڀني هلندڙ بورن مان نڪرندڙ پاڻي جمع ٿيندو آھي، انهن ڏينهن ۾ پبلڪ هيلٿ وارن چواڻي هن اسڪيم ۾ اڍائي سو گهرن کي پاڻي جا ڪنيڪشن ڏنا ويندا ۽ پبلڪ هيلٿ وارن اها اسڪيم شھر جي پنهنجي پسنديده ماڻھن تي ٻڌل هڪ تنظيم وليج ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ٺھرائي ان جي حوالي ڪئي پر VDA جيئن ته شروع کان ئي شھر جي پڙھيل لکيل ۽ باشعور نوجوانن تي مشتمل هئڻ بجاءِ پٽيلن تي مشتمل هجڻ ڪري شروع کان ئي سسٽم تحت هلڻ بدران پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي هلڻ لڳي. ادارا هميشه پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ناهن هلندا، اهي قانون ۽ ضابطن تحت هلندا هلندا آھن سو ھي ادارو به مختلف وقتن تي مختلف بحرانن جي ور چڙھندو رهيو ۽ تقريبن سواءِ ھڪ شخص مهراج پيتامبر داس پروهت جي ٻين سڀني تي مختلف الزام لڳندا رهيا. پبلڪ هيلٿ پاران جڏھن پنج ئي بور هلندڙ ھئا ۽ انهن پاران صرف اڍائي سو ڪنيڪشنن جي ڪيپيسٽي جو چيو ويو هو ته اسانجي VDA جي مهندار رهندڙن پنهنجي پسند ۽ ناپسند ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻھن جي چوڻ تي گنجائش جا وڌيڪ ڪنيڪشن ڏنا ۽ پوءِ VDA ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ بدانتظامي جي ڪري اهي بور به مختلف وقتن تي خراب ٿيندا رهيا. آخر ۾ جڏھن VDA جو آخري سنڀاليندڙ به هٿ ڪڍائڻ لڳو ته هن تي به ڪرپشن جا الزام لڳڻ شروع ٿيا ته ڪن سياسي ڌرين وچان پئي معاملي کي لئي مٽي ڪرايو ويو. ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا ته اها اسڪيم وي ڊي اي بدران ٽائون ڪاميٽي حوالي ٿيڻ کپي پر شھر جي باشعور ماڻھن ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ايئ ٿيڻ نه ڏنو ۽ اها اسڪيم اڄ تائين ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمن رهندڙ ۽ وي ڊي اي جو وائس چيئرمين رهندڙ مهراج پرديپ هلائي رهيو آھي. اسين وس وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته چيلهار شھر ۾ پاڻي جو ترت مسئلو حل ڪيو وڃي، ايئن نه ٿئي ته پاڻي تي ئي پاڻي ٿئي، ماڻھو مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪن ۽ توهان جي آفيس جو گهيراءُ ڪن، ڇو ته پاڻي انسان جي بنيادي ضرورت آھي.
شنڪر باغي/چيلهار
آخر وارھه ڪئنال جي آبادگارن
کي پاڻي ڪڏهن ملندو؟‎‎
لاڳيتو 35 سال ووٽ وٺندڙ چونڊيل نمائندا پاڻي جون دانھون ڪندڙ آبادگارن جو سڏ ڪڏھن ورنائيندا؟ زرعي پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ خلاف سيد حاڪم شاهه ريگيوليٽر تي آبادگار لاڳيتو 3 مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آھن پر آبادگارن کان ووٽ وٺندڙ چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري ڪامورا اگھور ننڊ ۾ ستل  آھن، 3 مهينن کان وٺي وارھ ڪنئال جا ھزارين آبادگار پاڻي جي گھر ڪري رھيا آھن پر ڪو به سندن سڏ ورنائڻ وارو ڪونھي. وارھ ڪنئال جي آبادگارن سدائين پئي ڀوڳيو آھي، سندن معاشي سگھ سدائين ڪمزور رھي آھي، ڪڏھن پاڻي جي اڻاٺ، ڪڏھن قدرتي آفتون، ڪڏھن جنسن جا صحيح اگھ نه ملڻ ته وري ڪڏھن نقلي ٻج ڀاڻ ۽ زھر جي ڪري ھن تعلقي ميروخان ۽ تعلقي قمبر ۽ تعلقي وارھ جا پورھيت آبادگارن جي چيلھ چٻي ٿي چڪي آھي. دانھن ڏين ته ڪنھن جي در ڏين؟ ھڪڙو ڀوتار آمريڪا ته ٻيو ڪراچي ته ٽيون وري شڪارپور کان ٻاھر نڪري ئي نٿو. عوام مڪمل نڌڻڪو بڻجي چڪو آھي، هاڻي وارھ ڪئنال جا آبادگار اچي هن فيصلي تي بيٺا 14 تاريخ اربع تي سکر بئراج تي ڌرڻي هڻندا.
علي محمد کوسو/قمبر شهدادڪوٽ
آرامدھه رڌڻن لاءِ به اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ گھرجي!‎‎
زندگيءَ جي ھرھڪ سرگرمي ۾ صنف نازڪ يعني عورت کي ھر جڳھ تي سڌي اڻ سڌي طرح نظرانداز ڪيو ويو آھي، اتي ھڪ اھم جڳھ اسان جي گھر جو رڌڻو آھي، جنھن جي ڪري اسان زندھ آھيون. ان رڌڻي جو سربراھ اسان جي بيڌياني، نااھلي، بيرحمي سبب ان رڌڻي ۾ مرندو رھي ٿو، جتان کان اسان کي جيئڻ جو سامان مھيا ٿئي ٿ.و ڪنھن حڪيم کان پڇيو ويو ته ڪا سٺي اسپتال ٻڌايو؟ ان جواب ڏنو ته گھر جو رڌڻو اوھان جي اسپتال آھي. اسان وٽ شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ عام وچولو يا عاليشان گھر ٺاھڻ باوجود آرامدھ رڌڻي جي اڏاوت کي نظر اندار ڪيو ويندو آھي، نالي ماتر ڪڪڙ جي کڏي جيترو چلھو ٺاھيو ويندو آھي، جنھن ۾ کوڙ ساريون خاميون پڻ رھجي وينديون آھن، جنھن ۾ ھوا جي ڪراسنگ، سج واري پاسي منھن، گرمي روڪڻ لا ڇپرو نه ھئڻ اھڙي حالتن ۾ 50 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي ۾ رڌپچاءَ جو غيرمعياري ٿي وڃڻ تي عورتون ذھني توڙي جسماني بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿيون. ان لاءِ اسيمبليءَ ۾ موجود عورتن کي گھرجي ته رھائشي اڏواتن ۾ آرامدھ رڌڻي لاءِ بل پاس ڪرائي ان کي قانوني شڪل ڏين، عمل نه ڪندڙ ماڻھن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن ملڪ ۾ گھڻي تعداد ۾ عورتون سک سان رڌ پچاءُ ڪري سگھن. گڏوگڏ غيرسرڪاري ادارن کي گھرجي ته ماڊل طور ڳوٺن ۾ اھڙا رڌڻا جوڙايا وڃن جيئن مسقبل ۾ آرامدھ رڌڻا ٺاھڻ جو رواج پئجي سگھي. مھرباني ڪري ھي خط اسيمبليءَ جي عورت ميمبرن تائين پھچايو ۽ کين پڙهايو وڃي.
منظور ھاليپوٽو/ٽلٽي
بنيادي سهولتن کان محروم مانجهند شهر!‎‎
مانجهند تعلقي کي 2005ع ۾ هيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو هو پر هن وقت تائين مانجهند کي اهي سهولتون نه ڏنيون ويون آهن، مانجهند هڪ تاريخي شهر آهي پر مانجهند جا اڄ به ماڻهو مڙني زندگيءَ جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، مانجهند صفائي، صحت، پاڻي ۽ گئس کان محروم آهي. هتان جي رهواسين کي ڪا به سهولتون موجود نه آهي، آخر مانجهند جا رهواسي ڪنهن در دانهن ڏين؟ اڄ جا چونڊيل نمائندا پنج سالن ۾ ظاهر ته نه ٿيا آهن پر ماڻهن کان اهو به پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي ته اوهان کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون ويون آهن پر افسوسن سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ جا چونڊيل نمائندا پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، هتان جا ماڻهو اڄ به سراپا احتجاج بڻيل آهن، چونڊيل نمائندا صرف اليڪشن ۾ ظاهر ٿيندا آهن، انهن ماڻهن کي ڪوڙا دلاسا ڏئي هڪ پٽيوالي جي نوڪري جا آسرا ڏئي هليا ويندا آهن، وري 5 سالن کان پوءِ ظاهر ٿيندا آهن. اسان سنڌ حڪومت کان اپيل ڪريون ٿا ته خدار اچو ماڻهن کان گهٽ ۾ گهٽ اهو ته پڇاڻو ڪريو ته اوهان کي پيئڻ جو پاڻي ملي ٿو يا نه، جيڪي بنيادي سهولتون آهن انهن کان به اسان جا ماروئڙا وانجھيل آهنن. خدار اچو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهن جي سار لهو.
زوهيب ميمڻ/مانجهند
وقت جو قدُر ڪريو!‎‎
چوندا آھن ته ڪتاب بھترين دوست ھوندو ۽ ذھني خوراڪ به آھي، اڄ ڪلھ آئون اڪثر نوجوانن کي ڏسان ٿو ته ھو سڄو سڄو ڏينھن پنھنجو قيمتي وقت فضول شين تي صرف ڪن ٿا، جھڙوڪ، انٽرنيٽ جو گھڻو استعمال ۽ ھوٽلن تي راتين جون راتيون ويٺا فلمون ڏسندا، آئون انھن دوستن کي گذارش ڪندس ته پنھنجو فضول وقت بي سبب سرگرمين ۾ تباھ ڪرڻ کان بھتر آهي ته پنهنجي زندگي سنوارڻ جي لاءِ ڪي سٺا ڪتاب پڙھو ۽ پنھنجي ڄاڻ کي وڌايو ۽ علمي ادبي بحث مباحثا ڪيو. ناليواري فلسفي افلاطون جو قول آهي ته وقت جو ذرو ھر سون جي ذري وانگر قيمتي آهي. ھڪڙا دوست وري نصابي ڪتابن کي پڙهڻ کان سواءِ ٻين قيمتي ڪتابن کي پڙھن ئي ڪو نه ٿا، جيڪا ھڪ سٺي شئي ناھي، نصابي ڪتاب ضرور پڙھو پر ان سان گڏوگڏ تاريخ، ادب، سياست، مذھب جي ڪتابن جو به مطالعو ڪيو جيئن توهان جي ڄاڻ ۾ واڌارو به ٿئي ۽ حقيقن جو به پتو پوي.
سرمد ابڙو/ڳوٺ ملا ابڙا، لاڙڪاڻو
ڳوٺ ڀيلار جا مسئلا ڪير حل ڪندو؟
ڳوٺ حاجي شفيع محمد ڀيلار، جيڪو ڳوٺ ننڍا ڀيلار جي نالي سان به مشهور آهي، تعلقي سوڀوديرو، ضلعي خيرپور جو هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو هميشه پ پ پ جو ووٽر رهيو آهي. ان ۾ به اسڪول، روڊ، رستي، بجلي، گئس ۽ پاڻي جي ڪربلا ڏسي ڪنڌ شرم سان جهڪي ٿو وڃي. پنهنجي دوست پروفيسر علي رضا محسن سان پهريون ڀيرو ملڻ لاءِ سندس ڳوٺ وڃڻ ٿيو. راڻيپور ابل واهه مان نڪرندڙ غلام علي شاخ جي ڪپ سان نڪرندڙ ويران روڊ ان جي ڳوٺ وڃي رهيو آهي، جيڪو تقريبن 6 ڪلوميٽر آهي، ويندي ويندي جيئن ئي شاخ تي نظر پئي ته اها گند ڪچري سان ڀري پئي هئي. ان ۾ پاڻي به وهندي نظر آيو. تقريبن 3 ڪلوميٽر سفر دوران ڏٺو ته شاخ جي ٻنهي ڪپن سان جتي ڪٿي پاڻي چورائڻ لاءِ هٿرادو پائيپ لڳل هئا. ان کان پوءِ سڪل شاخ ۾ مينهيون ۽ ٻڪريون چرندي نظر آيون. ان بعد فصل پچائڻ لاءِ ڊيزل انجڻ تي هلندڙ ٽيوب ويل ئي هلندي نظر آيا. سرڪاري ٽيوب ويلن تي ته ٽرانسفارمر ئي نظر نه آيا. روڊ جي صورت حال ته اهڙي هئي ڄڻ ته موٽر سائيڪل پٿرن تان هلي رهي هئي. لڳي پيو ته ان جي صدين کان ڪنهن سار ئي نه لڌي آهي. بس خدا خدا ڪري ڳوٺ جي ٻاهران پهتس. اسڪول جي حالت ڏسي رستي تي ئي بيهي رهيس! نه چار ديواري، نه بجلي، نه پکو، نه پٽيوالو ۽ نه ڪو چوڪيدار! بس هڪ استاد نم جي وڻ هيٺان ويهي معصوم ٻاڙن کي پڙهائي رهيو هو ۽ ان جي چوطرف تقريبن سو کن شاگرد پڙهي رهيا هئا. جڏهن ڳوٺ ۾ پهتس ته بجلي غائب، تارون چٻيون، رستو ڪچو، گند ڪچرو ۽ کڏا ۽ کٻا، ڪٿي ڪٿي سرن جو رستو نظر آيو پر اهو به ٽٽل. سٺي ڳالھ اها نظر آئي ته ڪجھ ڪيمرائون لڳل نظر آيون. ٻڌايو ويو ته انهن جي ڪري ڳوٺ ۾ ڪافي امن ٿيو آهي. حڪومتي سطح تي انهن سان صرف ناانصافيون ۽ زيادتيون ئي ڪيون ويون آهن، جڏهن شام جو واپس ٿيس ته امن امان جي صورتحال ڪري ڪجھ دوست راڻيپور تائين گڏجي آيا. پوءِ مان پنهنجي گهر پهتس. گهر پهچي اهو احساس ٿيو ته اسان جي حڪومت جي بيڌياني ڪري ٻهراڙيون ڪيتريون ويران آهن.
عبدالستار کوکر/ڪنب
چار گل رکي وڃجان، چار قل پڙھي وڃجان!‎‎
غازي ابڙي هڪ هنڌ لکيو هو ته ”پنهنجن محبوبن کي گلابن جا تحفا ڏيندڙ ماڻهن کي شايد اھا خبر ناهي ھوندي ته محبتون ڇا ھونديون آهن ۽ دلين جي دڳ تي گل ڪيئن پوکبا آهن؟ گلابن جي مند ۾ ڇڻي ويل ماڻهن جي من جو الميو به پنھنجو ھوندو آهي پر ڇا ڪجي لاوارثي جي رڻ ۾ تنھا رھجي  ويل ماڻهن جا حال ڪير ٿو پڇي“ ويجهي وقت جي ڳالھ آھي ته ڪراچي قائدآباد کان قيوم آباد تائين لوڪل بس ۾ سفر ڪري رهيو هئس ته پهريون مثال هو جو بس جي پٺاڻ ڊرائيور مٿي ۾ سور وجهندڙ پشتو گانا نه پي هلايا. بس ۾ جاءِ به ان سيٽ تي ملي جتي هڪ تقريبن 60 سالن جو پوڙھو ڪتاب پڙھي رهيو هو. ٿوري حال احوال کان پوءِ ڪتابن ۾ مصروف رهڻ جو احوال ڪجهه هن ريت ٻڌايائين. پٽن کي پڙھائي وڏو ڪيم، جن وڃي پرديس وسايو، شاديون به اتي ڪيائون. مون کي پاڻ ڏي اچڻ جون چيائون پر مون کي کيتن جي خوشبوءِ ۽ ديس جي ٿڌڙين هوائن کي ڇڏڻ ڪو نه آيو. ديس جي مٽي محبوب جيان پياري هئي. پرديس نه وڃي سگهيس. انهن کي پرديس ويندي سال لنگهي ويا آھن، پٽن جي ۽ انهن جي اولاد جي سڪ لڳندي آھي، دل چاهيندي آھي ته گهر جي اڱڻ تي ٻاتا ٻول ٻڌان، پنهنجي پٽن سان ڪي دلي حال اوريان پر جڏهن به انهن کي اچڻ لاءِ چوندو آھيان اهو ئي جواب ملندو آھي ته، بابا توکي هر شيءِ ملي پئي، ڪا تڪليف ڪانهي؟ اسان به اينداسين. سوچيان ٿو ته دولت جي نشي ۾ گم ٿيل ماڻھو کي ڪهڙي خبر ته رت ۽ روح جا رشتا ڇا هوندا آھن؟ سڄڻن جي ياد کي ساريندي بس ڪتابن ۾ مصروف ٿي ويندو آھيان. اڌ ڪلاڪ جي سفر ۾ سندس اکڙين ۾ ڳوڙھن جون بوندون وسي پيون ۽ آئون به روئڻھارڪو ٿي پيس. پريان ممتاز لاشاري پي ڳايو:
هينئر جي نٿو سارين، مئي کان پوءِ پڇي وڃجان،
چار گل  رکي  وڃجان، چار قل پڙھي وڃجان.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول
جس هجي راشد محمود سومري کي!
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن عسڪري، سيڪيورٽي ۽ طاقتور اداري جي اهلڪار طرفان چيڪنگ بهاني سندن فيملي سامهون سنڌ جي ارڏي ۽ بهادر پيءُ شھيد سنڌ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي بهادر پٽ علامه راشد محمود سومرو جي جيڪا دل آزاري ڪئي ان دل آزاريندڙ واقعي سبب راشد ان جاءِ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، ڄامشوري جي جمعيت جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهچي ويا. جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، سيڪيورٽي اداري طرفان عوام خاص ڪري سنڌين لاءِ اهڙو پهريون واقعو ناهي روزانو سنڌي ليڊر، ايم پي ايز، ايم اين ايز، پير، مير ۽ وڏيرا روز چيڪنگ بهاني پنهنجو پٽڪو لهرائي پٽڪو بغل ۾ وجهي تذليل جو نشانو بڻجندا رهن ٿا پر ڪنهن ۾ ايتري همت ناهي هوندي جو کين ٻه اکر ڪڇن پر جس هجي راشد محمود کي جنهن سيڪيورٽي اهلڪار جي غلط رويي ۽ تصويرون ڪڍڻ تي ڀرپور آواز اٿاريو ۽ پيغام به ڏنو ته چيڪنگ ضرور ڪيو پر ايئن دشمنن جيان بيعزتو نه ڪيو. سيڪيورٽي ادارا اسان لاءِ احترام جوڳا آھن پر هڪ حد هوندي آھي، اهو مطلب ناهي جو چيڪنگ بهاني تصويرون ڪڍي توهين ڪندا رهن. ڏٺو وڃي ته راشد محمود قانون تحت گاڏي به بيهاري، پنهنجو تعارف به ڪرايو، سڃاڻپ ڪارڊ به ڏيکاريو، گاڏي جا ڪاغذ به ڏيکاريا، ذاتي ڪلاشنڪوف جو لائسنس به ڏيکاريو ۽ اهلڪار جي گهرڻ تي کين ڪلاشنڪوف به ڏني، ذاتي گارڊن ۽ سنڌ حڪومت طرفان مليل پوليس اهلڪارن جا به سروس ڪارڊ به ڏيکاريا. سيڪيورٽي ادارن سان ايڏي وڏي سهارڪ باجود فيملي سامهون سندن هر شيءِ سميت گاڏي جون تصويرون ڪڍڻ ۽ راشد محمود جي ڀاءُ ناصر محمود کي گاڏي مان ٻاهر لاهي جھڙتي وٺڻ سمجھ کان ٻاهر آھي. ايئن ته دشمن سان به ناهي ڪيو ويندو۔ عسڪري ادارن ۽ رياست مدينه جي دعويدار عمران سرڪار کين پروٽوڪول ڏئي کين واپس روانو ڪري ڇڏيو. اسان بحيثيت پاڪستاني ھر ادارو قابل قدر ۽ معتبر آھي پر هر اداري جي پنهنجي ذميواري ۽ حد هوندي آھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته هر ادارو  پنهنجي ڊيوٽي بنا فرق جي بهترين ۽ خوش اصلوبي سان ادا ڪري ته جيئن عوام جي جيءَ ۾ جاءِ ٺاهي سگهي.
قاصر محمد نواز نهڙي/ميرپورخاص
سنڌ حڪومت هزارن جي تعداد ۾ ماسترن جون ڀرتيون ڪندي!
سنڌ حڪومت 40 هزار ماسترن جون ڀرتيون ڪندي، جنهن لاءِ 5 لک درخواستون وصول ٿيون آهن ۽ ساک واري اداري ذريعي آگسٽ تائين ماسترن جي ڀرتي لاءِ انٽرويو وغيره ورتا ويندا. جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي جو گهڻي وقت کان خالي پيل ماسترن جي جاين جي وڏي انگ لاءِ ڀرتي واسطي بيروزگار ماڻهن کان درخواستون وصول ڪيون ويون آهن، جنهن لاءِ انٽرويو ورتا ويندا، جنهن کان پوءِ انهن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪيو ويندو جنهن سان بيروزگاري گھٽ ٿيندي، گهڻا بيروزگار ٽيسٽ پاس ڪري روزگار سان لڳي ويندا جنهن ڳالهه جي ڪري سنڌ حڪومت کي جس هجي ۽ اها داد لائق آهي، جيڪا هن وقت بيروزگاري جهڙي وڏي مسئلي کي نظر ۾ رکي ان لاءِ خالي پيل جاين تي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تنهن کان سواءِ هڪ کان چار گريڊ تائين جون نوڪريون ڪڍي تن تي به بيروزگار ماڻهن کان درخواستون گهرائي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن به پ پ پ سرڪار حڪومت ٺاهي اقتدار ۾ ايندي آهي ته اها وڌ ۾ وڌ بيروزگار ماڻهن کي روزگار ڏئي انهن جي وڏي ۾ وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ ووٽ وٺڻ کان پوءِ عوام سان ڪيل پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريندي آهي. هن وقت سنڌ حڪومت مان اها اميد ڪجي ٿي ته اها روزگار ڏيڻ واري پنهنجي واعدي کي جلدي پورو ڪري ڏيکاريندي ۽ سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏئي انهن جي پريشاني کي ختم ڪندي.
محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل
هي آهي منهنجو ڪاڇو!‎‎
ڪاڇو جيڪو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇي جي اتر طرف کيرٿر جبل شروع آهي، ڏکڻ وڃي ڪراچي تائين کيرٿر جبل ڪاڇو سڏيو ويندو آهي، ڪاڇو تيل گئس سان مالا مال آهي. ڪاڇي مان تيل گئس نڪري رهيو آهي، جيڪو ملڪ جي مختلف علائقن مان ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي، ڪاڇي واسي هن جديد دور ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڪا به سهولت ناهي. ڪاڇو تعليم حوالي سان تمام گهڻو پوئتي پيل آهي، ڪاڇي ۾گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول ناهن، ڪاڇي جون نياڻيون تعليم کان محروم آهن، تيل گئس ڪمپني طرفان ملندڙ فنڊ تڪ جا چونڊيل نمائندا ڪٿي خرچ ڪندا آهن، ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، جڏهن ته ڪاڇي ۾ ترقياتي ڪم زيرو آهن، جنهن لاءِ آئون وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته ڪاڇي واسينس کي هر بنيادي سهولت مهيا ڪئي وڃي.
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

خضدار واقعي به چونڊيل نمائندن جي ضمير کي نه جنجهوڙيو؟
خضدار ڀرسان ونگو چاڙهي وٽ بهلونڪ ٿاڻي جي حد ۾ اڄ کان ٺيڪ مهينو اڳ درگاهه وَڍ شريف کان موٽندڙ دادو ضلعي جي زائرين جي بس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، ڇهين جون تي فجر جو ساڍي 4 وڳي پيش آيل ان حادثي ۾ 22 زائرين شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، حادثي جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ خضدار ضلعي جي انتظاميا ايمرجنسي لڳائي ڇڏي. زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ علاج ۽ سخت زخمين کي ٻين اسپتالن ڏانهن خانگي گاڏين ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي راونو ڪرڻ، ايڌي وسيلي لاشن کي ڪفن ڏيڻ شروع ڪيو. خضدار واقعي تي گهڻو نٿا لکون پر اهو لکڻ ضروري آهي ته واقعي ۾ شهيد ٿيل 22 ۽ زخمي ٿيل 50 ڄڻا دادو ۽ جوهي تعلقن جا رهواسي آهن پر انسانيت کان خالي ٿيل جسم دادو ضلعي جا چونڊيل، ٿاڦيل نمائندن، ضلعي ۽ تعلقن جي ڪامورن توڙي حڪومت جي وزيرن، صلاحڪارن جي لوڌ مان ڪير به واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن وٽ عذرخواهي ۽ زخمين جي عيادت لاءِ ناهي پهتو. پ پ پ ايم اين دادو، جوهي رفيق جمالي، ايم پي اي دادو پير مجيب، ايم پي ڪلثوم چانڊيو، ڊي سي دادو سميع الله شيخ وارثن جي ڏکارن گهرن ڏي مهيني ۾ لڙي ناهن ويا. چونڊيل ۽ ٿاڦيل نمائندن جي ضمير کي 22 لاشن ۽ 50 زخمين نه جنجهوڙيو، باقي حڪومت جي اعلانيل مدد تي پاڻ وڻائڻ لاءِ اهو رونشو پنهنجي ملازمن کان هلرائي ڇڏيو ته اهو اعلان اسان ڪرايو آهي. راويت موجب وري به جسقم جو اڳوڻو قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سينيئر قومپرست سرفراز ميمڻ، راواداري تحريڪ جو پنهل ساريو انساني ۽ قومي فرض ادا ڪندي شهيدن جي پوئنرن کي سيني سان لاتو. بلوچستان حڪومت ۽ خضدار انتظاميا شهيدن ۽ زخمين جي وارثن سان رابطي ۾ آهي، مالي مدد سان گڏ اخلاقي مدد ڪري پئي پر ناهي ته بس بي ضميرن جو ڪو رابطو ناهي. سنڌ حڪومت جا اعلان به رڳو اعلان رهيا، هتي ”جمهوري“ حڪومت آهي، حڪمران ۽ انهن جا مقرر ايم اين اي، ايم پي اي، ڪامورا انسانيت کان واقف ناهن، خضدار واقعي جا زخمي اڄ به انتظار ۾ آهن ته سندن مفلوج ٿيل زندگيون ٻيهر بحال ٿين پر سنڌ حڪومت کي خبر ناهي ڪڏهن احساس ٿيندو؟
درياءُ خان جهتيال/دادو