ملتان(اسپورٽس نيوز) نيشنل ٽي 20 ڪپ جي 23 هين ميچ ۾ سينٽرل پنجاب سائوٿرن پنجاب کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سائوٿرن پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 19.2 اوورن ۾ 106 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. زين عباس 25، يوسف بابر 22 رنز ٺاهي نمايان رهيا. سينٽرل پنجاب طرفان عامر يامين ۽ يقاص مقصود 3-3 جڏهن ته حنين شاهه 2 وڪيٽون ورتيون. سينٽرل پنجاب 16.5 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. طيب طاهر 41 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي نمايان رهيو ۽ ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سائوٿرن پنجاب طرفان سمين گل ۽ محمد عمران 2-2 وڪيٽون ورتيون. طيب طاهر کي 41 رنز ٺاهڻ ۽ 3 ڪيچون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.