لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ڪرپشن جو هڪ ٻيو ڪيس اڳيان اچي ويو. پي سي بي خيبرپختونخوا جي ليف آرم اسپنر آصف آفريدي کي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت معطل ڪري ڇڏيو. پي سي بي ترجمان موجب آصف آفريدي کي پي سي بي نوٽيس آف چارج جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن مٿان اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جا 2 الزام لڳايا ويا آهن. 14 ڏينهن اندر هن کان جواب طلب ڪيو ويو آهي. آصف آفريدي ڪيس جو فيصلو ٿيڻ تائين ڪنهن قسم جي ڪرڪيٽ سرگرمين ۾ حصو نه وٺي سگهندو.