جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ بجلي جي بحالي لاء شھرين پاران ناڪا چونڪ تي ڌرڻو هنيو ويو آھي, پرويز باهوٽو,اياز حسين رند, لطف کچي,نظام ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين چيو ته جوهي تعلقي ۾ چار ئي پاسي ٻوڏ واري صورتحال آھي جوهي شھر بچيل آھي جتي گذريل رات تيز هوا ڪري مين بجلي جا پول ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڪري پيا آھن جنهن سبب بجلي جي فراهمي گذريل 24 ڪلاڪن کان معطل آھي بجلي نه هجڻ ڪري پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آھيون, ڪارهنوار ٺپ ٿي ويو آھي. شهر ۾ مليريا جي دوائن جي به شديد کوٽ آھي  جلد بجلي بحال ڪري دوائن جي کوٽ به ختم ڪرائي وڃي.