لاھور  (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ڪپ اڄ کان شروع ٿي رھيو آھي. جنھن ۾ پي سي بي پاران ڪوچنگ جون ذميوارين اڳوڻن ڪرڪيٽرن حوالي ڪيون ويون آھن. پي سي بي عبدالرزاق کي سينٽرل پنجاب انڊر بليوز ۽ ارشد خان کي بلوچستان انڊر 19 بليوز جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ عمران فرحت کي سينٽرل پنجاب انڊر 19 وائٽس ۽ غلام علي کي سنڌ انڊر 19 وائٽس جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آھي. ان کان علاوھ شاھد انور کي سدرن پنجاب انڊر 19 وائٽس جو ھيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آھي.واضح رھي تھ 8 جولاءِ تائين جاري رھندڙ ٽُورنامينٽ ۾ 12 ٽيمون حصو وٺنديون.