پڇڙي وارا سدائين سورن ۾

0
165
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

عجيب نظام آهي سدائين پڇڙي وارا ئي سورن ۾ رهن ٿا. ٻوڏ ٿئي ته به اهي ئي ڀوڳين جيڪڏهن سوڪ هجي ته به اهي ئي سڙن.قانوني ۽ شرعي طور به پاڻي تي پهريون حق  انهن جو مڃيل هئڻ باوجود به پڇڙي وارن کان حق کسيو ٿو وڃي،زوري ان تي ڌاڙو ٿو هنيو وڃي،نه قانون جي پرواهه آهي نه ئي شرعي حڪم کي مڃتا ٿي ملي.سنڌ پڇڙي وارو صوبو آهي ملڪ ۾ انهي سان زيادتي ٿي رهي آهي پر سنڌ ۾ وري پڇڙي وارن ضلعن يعني ڊائون اسٽريم وارن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ٿو وڃي. مطلب ملڪ هجي يا صوبو ان ۾ عذاب پڇڙي وارن جي حصي ۾ ٿو اچي. اهو ڪو قدرتي عذاب ناهي پر انسان جو انسان سان ناانصافي وارو عذاب آهي، ڏاڍي جو هيڻي لاءِ عذاب آهي، طاقتور جو ڪمزور لاءِ عذاب آهي.پاڻي جي معاملي تي هن وقت سنڌ سان پنجاب ايئن ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾وري  پڇڙي وارن ضلعن سان ايئن ٿي رهيو آهي.

سنڌ ڪيتري وقت کان وٺي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ان جو سبب ڪو قدرتي کوٽ نه آهي پر اها چوري ۽ سينا زوري آهي جيڪا پنجاب منڍ ۾ هئڻ ۽ طاقتور صوبو هئڻ ڪري شروع کان وٺي سنڌ سان ڪري رهيو آهي.سانوڻي جي موسم هلي رهي آهي. آڳاٽي سانوڻي جون برساتون به شروع ٿي ويون آهن پر سنڌ ۾ پاڻي کوٽ اڃا ختم نه ٿي آهي، توڙي جو بئراجن ۾ بهتري جون رپورٽون اچي رهيون آهن پر ان جو فائدو عام ماڻهو ۽ آبادگارن کي نه پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته پاڻي جي صورتحال بهتر ٿيڻ باوجود منڍ ۾ پنجاب پاڻي روڪي رهيو آهي ته جيڪو ٿورو گهڻو سنڌ ۾پهچي ٿو اهو وري گڊو ۽ سکر بئراج تائين محدود آهي جڏهن ته پاڻي جي صورتحال ڪجهه بهتر ٿيڻ باوجودسنڌ جي آخري بئراج ڪوٽڙي جي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ وڌائڻ بدران گهٽايو ويو آهي.جڏهن ته  سنڌ جو پاڻي پنجاب ۾ روڪڻ سبب  سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڃا به  55.13 سيڪڙو برقرار آهي. گڊو بيراج تي پاڻي جي کوٽ 67.5 سيڪڙو، سکر بيراج تي پاڻي جي کوٽ 39.6 سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي کوٽ 68 سيڪڙو تائين آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ باوجود پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران تڪراري ٽي پي لنڪ ڪينال مان بدستور پاڻي جي کڻت جو سلسلو جاري آهي، ٻه ڏينهن اڳ  به ٽي پي لنڪ ڪينال مان پنجاب صوبي 6823 ڪيوسڪ پاڻي جي کڻت جاري رکي، هوڏانهن ٻه ڏينهن اڳ يعني 25 جون تي گڊو بيراج تي پاڻي جو مٿيون وهڪرو 90707 ڪيوسڪ رهيو، جن وهڪرن ۾ اضافو ٿي ڪالهه گڊو بيراج جو مٿيون وهڪرو 93922 ڪيوسڪ تي پهتو آهي،  هيٺيون وهڪرو 77 هزار 885 ڪيوسڪ رهيو، سکر بيراج جو مٿيون وهڪرو 64525 ۽ هيٺيون وهڪرو 27035 ڪيوسڪس رهيو‏، ڪوٽڙي بيراج جو مٿيون وهڪرو 10745 ڪيوسڪ رهيو، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج وٽان ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جي ڇوڙ ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي، 25 جون تي ڊائون اسٽريم ۾ 115 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پئي ويو،ٻه ڏينهن اڳ  ان کي به گهٽ ڪري 110 ڪيوسڪس ڪيو ويو آهي.اها سڄي صورتحال ٻڌائي ٿي ته جيڪو جتي منڍ تي آهي اهو پنهنجي پڇڙي واري جي نه حصي جو خيال ڪري ٿو نه ئي وري ان کي ڪنهن قانون يا ضابطي جي پرواهه آهي جنهن ڪري سڄي کوٽ پڇڙي وارا ئي ڀوڳين ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته قانون ۽ شريعت پڇڙي وارن جو پاڻي تي پهريون حق ان ڪري ئي تسليم ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته منڍ وارا جيڪڏهن زيادتي ڪن ته قانون پڇڙي وارن جو سهارو بڻجي پر هتي ته منڍ وارا قانون کي ئي يرغمال بڻائي پنهنجي مرضي سان استعمال ڪري رهيا آهن، پوءِ اهو قانون صوبي جو صوبي سان هجي يا وري هڪ صوبي جو پڇڙي جي ضلعن لاءِ هجي.تنهن ڪري انهي قانون تي عمل ڪرائڻ جون ذميوار اختياريون پڇڙي جي ماڻهن سان پاڻي تي ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن جيئن انهن پڇڙي وارن جي جياپي جو وسيلو برقرار هجي.