نيب چيئرمين کي عهدي تي برقرار رکڻ غير آئيني آهي:مريم نواز

0
272
نيب چيئرمين کي عهدي تي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ نيب چيئرمين کي عهدي تي برقرار رکڻ غير آئيني آهي، اُميد ته آرڊيننس چئلينج ٿيو ته عدالتون اُن کي رد ڪري ڇڏينديون، نيب چيئرمين کي عهدي تي برقرار رکڻ حڪومت جي ڊيل جو نتيجو آهي.

نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حيران ڪندڙ حقيقتون اڳيان رکيون اٿم، درخواست ۾ لکيو آهي ته ڪيس سياسي طور انجنيئرڊ آهي، نواز ليگ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪري نواز ليگ کان ڌار ٿيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، حڪومت تحفا ڏيندڙ پرڏيهي سربراهن جا نالا نه ٻڌائي، ايترو ته ٻڌايو ڪهڙا تحفا پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.

ھي به پڙھندا

نيب چيئرمين جي مقرريءَ تي اپوزيشن ليڊر سان صلاح نه ڪندس: وزيراعظم