لاهور (م ڊ) ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان مشاورت عمران خان جي منشا، ذاتي پسند نا پسند نه پر قانوني گهرج آهي، اپوزيشن ليڊر جي مشاورت کانسواءِ فيصلو ٿيو ته اهو غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو. هن چيو ته عمران صاحب ايف آءِ اي ۽ نيب کان عدالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ان لاءِ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي تي به دٻاءُ وڌيو ويو هو، سمورن ڪوڙن ڪيسن تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا اچي چڪا آهن، جن ۾ هڪ پيسي جي هڪ پيسي جي ڪميشن، رشوت يا خرد برد جو وجود ئي ناهي. ٻئي طرف ليگ پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري شهباز گِل کي جواب ڏيندي چيو آهي ته حڪومت اوهان جي، رڪارڊ اوهان وٽ ۽ تبديلي مريم نواز ڪري رهي آهي، جيڪڏهن نواز ليگ اڄ به طاقتور آهي ته اوهان کي گهر وڃڻ گهرجي، بيان ۾ هن چيو ته تبديلي جي نالي تي مڙهيل سياسي مافيا نوازشريف جي نالي تي سياسي دڪان هلائي رهي آهي، اوهان جي رڪارڊ ۾ ردوبدل ٿي رهي آهي ته ان ۾ مريم نواز ۽ نوازشريف جو ڪهڙو قصور آهي؟