سکر (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جي مقرري بابت ٻن وڏين سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالھيون تيز ٿي ويون، ترجمان مسلم ليگ نواز مريم اورنگزيب نيب چيئرمين واري معاملي تي مشاورت لاءِ سکر پھچي سيد خورشيد احمد شاھ سان سينٽرل جيل ۾ ملاقات ڪئي. ذميوار ذريعن جو چوڻ آھي ته مريم اورنگزيب پارٽي اڳواڻن سان گڏ سکر پھتي، جِتي ھن نيب ھٿان گرفتار خورشيد احمد شاھ ۽ ان جي فرزند ايم پي اي فرخ شاھ سان ملاقات ڪري نيب چيئرمين جي معاملي بابت مشاورت ڪئي. ٻنھي اڳواڻن ۾ موجوده نيب چيئرمين ايندڙ مھيني رٽائرڊ ٿيڻ، حڪومت طرفان چيئرمين نيب جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ توڙي نئين چيئرمين جي مقرري متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن نيب چيئرمين جي مقرري تي ڳالھيون جاري رکڻ تي راضپو ظاھر ڪيو. ھوڏانھن ترجمان نواز ليگ جي سکر ۾ خورشيد شاھ سان ملاقات کي ڳجھو رکيو ويو ھو، جنھن جي سکر پھچڻ تي واري اطلاع تي جڏھن ن ليگ سکر جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو ويو ته ھنن مريم اورنگزيب جي سکر پھچڻ واري معاملي کان لاعلميءَ جو اظھار ڪيو، ايتري ضرور تصديق ڪئي ته اچڻي آھي پر ھن وقت تائين پھتي ناھي، جيتوڻيڪ مريم نواز اُن وقت سينٽرل جيل ۾ خورشيد شاھ سان مختلف معاملن تي ڳالھين جي ڏي وٺ ڪري رھي ھئي. ٻنھي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملڪي صورتحال، خارجا پاليسي سميت مختلف معاملن تي ڳالھيون ٿيون. اِن کان اڳ ن ليگ جي ترجمان سيد خورشيد شاھ، ۽ سندس فرزند فرخ شاھ کان خيريت پڻ معلوم ڪئي.