اسلام آباد (م ڊ) نور مقدم ڪيس ۾ اڳڀرائي، جوابدار قتل جو سبب ٻڌائي ڇڏيو، پوليس پاران واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ڪال رڪارڊ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب جوابدار ظاهر جعفر ڏوهه جو اعتراف ڪندي پوليس کي قتل جو سبب به ٻڌايو آهي، ذريعن موجب جوابدار اعتراف ڪندي چيو ته بيوفائي منهنجي ناقابل برداشت هئي، دوکو ڏيڻ تي نور مقدم کي قتل ڪيو، جوابدار پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ بعد اعتراف ڪيو، ذريعن موجب پوليس نور مقدم تي تشدد واري وڊيو به حاصل ڪري ورتي آهي، فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نور مقدم پاڻ بچائڻ لاءِ عمارت جي بالڪوني مان ٽپو به ڏنو، گارڊ کان مدد طلب ڪئي پر هن مدد نه ڪئي، جوابدار کيس گهلي اندر کڻي ويو، تشدد ڪيو ۽ تشدد کان قتل تائين 3 ڪلاڪ لڳا، جڏهن ته جوابدار ظاهر جعفر جو موبائل فون به هٿ اچي ويو، پوليس واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، فون ڪالز جي رڪارڊ موجب جوابدار ظاهر جعفر مسلسل پنهنجي والدين سان رابطي ۾ هو، جوابدار والدين کي واقعي بابت به ٻڌايو، 30 منٽ تائين چار ڀيرا فون تي والدين سان ڳالهايو، جوابدار ان دوران ٻين نمبرز تي به ڪالز ڪيون جنهن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. وڊيو موجب بحالي مرڪز جي ٽيم ڪافي دير بعد جوابدار جي گهر پهتي، ٽيم جي اچڻ کان اڳ ئي جوابدار نور مقدم کي قتل ڪري چڪو هو، پوليس هن وقت تائين جوابدار جو 164 جو بيان رڪارڊ نه ڪرائي سگهي آهي، قانون موجب 164 جو ڏوهه باسڻ وارو بيان جج سامهون ڏيڻ ضروري آهي، جڏهن ته ظاهر جعفر جو آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڏوهن جو رڪارڊ جاچڻ لاءِ فنگر پرنٽس، انهن ملڪن جي سفارتخانن ۾ موڪليا ويا. هوڏانهن نور مقدم قتل ڪيس ۾ جوابدار ظاهر جعفر جي والدين ۽ ٻن گهريلو ملازمن جو 14 ڏينهن جو جوڊيشل رمانڊ منظور ڪيو ويو، عدالت 14 آگسٽ تي کين ٻيهر پيش جو حڪم ڏنو، جوابدار ظاهر جعفر جي والدين جي ضمانت تي آزادي واري درخواست تي پوليس کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، نور مقدم جي قتل ڪيس جو جوابدار ظاهر جعفر ڪنسلٽنٽ فرم جو مالڪ هو، جوابدار شاگردياڻي کي پرڏيهه ۾ تعليم لاءِ معاونت فراهم ڪندو هو، جوابدار کي هي ڪمپني والد ذاڪر جعفر ٺاهي ڏني هئي.