اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ نور مقدم ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جي والده عصمت بيبي جي ضمانت 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ڇڏي، جڏهن ته ظاهر جعفر جي والد ذاڪر جعفر جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ٻن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستن گذارن جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته هن ڪيس ۾ والدين جو ڪو ڪردار ناهي، اسان کي جيڪڏهن شفاف ٽرائل جو حق نه ڏنو ويو ته اها زيادتي ٿيندي، جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا دنيا ۾ غير شفاف ٽرائل جو به ڪو تصور هوندو آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته والدين کي واقعي بابت علم هو انهن واقعي کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، اهي نور مقدم کي قتل ٿيڻ کان بچائي سگهن پيا، والد کي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو غالب امڪان آهي ته هو گواهن مٿان اثر انداز ٿي سگهندو، هن ڪيس جا معاشري تي وڏا اثر پيا آهن،عدالت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ٻن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ وارو فيصلو برقرار رهندو.