ھالاڻي (ن پ ا) ڪوٽڙي ڪبير ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏيوڻا وٽ مبينا طور ڦٽين جي فصل وٽان لنگھڻ تان روڪڻ باوجود نه مڙڻ تي جوابدار رياض لاشاري مڇرجي ڪهاڙين جا وار ڪري ولي محمد سهتو کي قتل ڪري ڇڏيو. معلوم ٿيو آهي ته ولي محمد سهتو نوجوان کي چيو ته عورتون ڦٽين جو چونڊو ڪري رهيون آهن ۽ هو اتان نه لنگهي جنهن تان نه مڙڻ تي سندن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي رياض لاشاري ڪهاڙين جا وار ڪري ولي محمد سهتو کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ھڪ ڏينھن اڳ ڦٽيون چونڊيندڙ ناري صوبيا سان رياض لاشاري پاران مبينا طور ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي هئي جنهن جي دانهن ناري پنهنجي والد ولي محمد سھتو کي ڏني، ناريءَ جي والد جوابدار کي فصل مان لنگهڻ تان منع ڪئي جنهن تان جوابدار رياض لاشاري ڪھاڙين جا وار ڪري ناري جي والد کي قتل ڪري ڇڏيو. وارثن لاش کڻي ھالاڻي رورل ھيلٿ اسپتال پھچايو جتي ايمرجنسي هجڻ باوجود ڪوبه ڊاڪٽر اسپتال ۾ ڊيوٽي تي موجود نه ھو، قتل ٿي ويل ولي محمد سھتو جي گھرواري ممتاز بيگم ۽ سندس پٽ وقار سهتو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته رياض لاشاري منھنجي ڀيڻ سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ تان منھنجي والد منع ڪئي جنھن تان رياض لاشاري منھنجي والد کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جڏھن ته ولي محمد سھتو کي قتل ڪندڙ رياض لاشاري پڻ پنھنجو پاڻ کي کڻائي ڪري اسپتال داخل ڪرايو. جڏھن ته وارث اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب بنا پوسٽ مارٽم جي لاش گھر کڻائي ويا مقتول جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو. ھالاڻي ٿاڻي جي وڏي منشي احمد سومري ٻڌايو ته قتل جي اين سي سندس پٽ وقار سھتو جي فرياد تي داخل ڪئي آھي چار ڪلاڪن کان پوسٽ مارٽم لاءِ اسان اسپتال ۾ موجود آھيون پر اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود نه آھي جڏهن ته جوابدار رياض لاشاري کي گرفتار ڪيو آھي.