پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ عوام کي بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ جون به تياريون

0
251

ڪراچي: تبديلي سرڪار مهانگائي سٽيل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ کانپوءِ بجليءَ جو وڏو جهٽڪو ڏيڻ جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي 2 روپيا 65 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ اها واڌ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تي ٿيندي. ياد رهي ته اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حڪومت بجليءَ جي اگهن ۾ هڪ روپيو 68 پئسن جو اضافو ڪيو هو ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 12 روپين کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي.

ھي به پڙھندا

ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پاڪستان ۾ به قيمت وڌندي: فواد چوڌري