پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ سومر جي رات دير سان گوليون ھڻي قتل ڪيل نوجوان جي مڙھ کي جنازي نماز بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي ، نوجوان عرفان تڙت جتوئي جو گوليون لاش باغ مان ھٿ اچڻ کانپوءِ سانگي پوليس سومر جي رات دير سان لاش تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتي جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، نوجوان جو جنازي نماز سانگي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان سانگي پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول نوجوان جي وارثن پاران پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن مٿان قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي جنھن ۾ ٽي نالا ڏنا ويا آھن جنھن ۾ نعومي عرف نعمان جتوئي سميت ٽن ڄڻن تي الزام لڳايو ويو آھي جنھن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪريون پيا سانگي پوليس موجب وارثن اڃان تائين ايف آءِ آر داخل ناھي ڪرائي صرف جوابدارن جا نالا ڏنا ويا آھن مقتل جي وارثن جي اچڻ تي ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي.