نواز شريف نه ڊيل تحت پرڏيهه ويو نه ڊيل تحت واپس به اچي پيو: راڻا ثناءُ الله

0
141
نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ راڻا ثناءُ الله
نوازشريف ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ سان نئون لاڏلو ڪيئن ٿي ويو؟ راڻا ثناءُ الله

لاهور: ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف نه ڊيل تحت ٻاهر ويو نه ڊيل تحت وطن واپس اچي رهيو آهي، نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن پهچي مينار پاڪستان وٽ جلسي کي خطاب ڪندو

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نواز شريف  پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، قوم پنهنجي ليڊر کي ويلڪم  ڪرڻ لاءِ منتظر آهي، ڇاڪاڻ ته نواز شريف ئي قوم کي بحراني ڪيفيت مان ڪڍي سگهي ٿو، نواز شريف هڪ عزم سان پاڪستان اچي رهيو آهي

هن چيو ته  سموري ملڪ مان پارٽي ڪارڪن مينار پاڪستان پهچندا، نواز شريف قوم کي اميد ڏياريندو ۽ اميد کي يقين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ رستي جو تعين ڪندو

ن ليگ اڳواڻ چيو ته  نواز شريف 21 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ هوندو، هو عدالت آڏو سرينڊر ڪندو، ڇاڪاڻ ته هو  بي گناهه آهي، کيس رليف ملندو