خدشو آهي ته پوليس ٿاڻي کي باهه ڏئي الزام اسان مٿان مڙهيندي: ماڙي جلباڻي واقعي جي متاثرن پاران جاچ ڪميٽيءَ تي بي اعتمادي ظاهر

0
272

ماڙي جلباڻي جي متاثرن نگران وڏي وزير جي جاچ ڪميٽيءَ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

فائرنگ ۾ مارجي ويل 4 نوجوانن جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته انصاف لاءِ پرامن جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس داخل ڪري هيسايو پيو وڃي، اسان جي نوجوانن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو، انصاف ڏيڻ بدران 250 ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس مڙهيو ويو

متاثرن موجب رات دير سان ڊي ايس پي سڪرنڊ ۽ ايس ايڇ او جي اڳواڻي ۾ پوليس سمورو رڪارڊ کڻي ماڙي جلباڻي ٿاڻي کي تالو هڻي ڇڏيو

خدشو آهي ته ٿاڻي کي باهه ڏئي اسان تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، اسان پرامن ماڻھو آھيون، پرامن جدوجهد تي يقين رکون ٿا، انصاف لاءِ اعليٰ عدالتن جو در کڙڪائينداسين