فوجي آمر هجي يا ڪير ٻيو، فرد واحد جو اختيار تباهي آڻيندو آهي: چيف جسٽس

0
140
فوجي آمر هجي يا ڪير ٻيو، فرد واحد جو اختيار تباهي آڻيندو آهي: چيف جسٽس
فوجي آمر هجي يا ڪير ٻيو، فرد واحد جو اختيار تباهي آڻيندو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس جي ڪارروائي ٽي وي تي لائيو ڏيکاري وئي، چيف جسٽس اڄ ئي ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جُڙيل فُل ڪورٽ طرفان سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت داخل 9 درخواستن تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪيس اڄ فائنل ڪري ڇڏيون، هن عدالت  ڪيترائي ڀيرا مارشل لا جي توثيق ڪئي

سپريم ڪورٽ  ئي پرويز مشرف کي آئيني ترميم جي اجازت ڏني هئي، چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ ڪجهه ڪري ته سڀني کي حلف ياد اچي ٿو

چيف جسٽس چيو ته  مارشل لا لڳي ته حلف به وساري ويهو ٿا، ڇا اوهان ايندڙ مارشل لا جو دروازو اسان کان کولرائڻ چاهيو ٿا، نظرثاني  ۾ اپيل جو حق ملڻ سان اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هن قانون سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون آهن

چيف جسٽس چيو ته مان لفظ “جنگ” استعمال نه ڪندس، مان مفروضن جي نه حقيقت جي زبان ڄاڻان ٿو، مولوي تميز الدين کان شروع ڪريو يا نصرت ڀٽو کان، آئين سان جيڪا هٿ چراند ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪريو پر پاڪستان سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏينداسين، سڀ پارليامينٽ تي حملا ڪري رهيا آهن، اسان کي پارليامينٽ جي عزت ڪرڻ گهرجي

چيف جسٽس چيو ته  فرد واحد هن ملڪ جي تباهي ڪئي آهي، فرد واحد ۾ چاهي مارشل لا هجي  يا ڪو ٻيو، اسان کي پاڻ ۾ فيصلو ڪرڻو آهي

هي به پڙهندا

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي، ڪوشش هوندي ته ڪيس اڄ فائنل ڪري ڇڏيون: چيف جسٽس