پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي، ڪوشش هوندي ته ڪيس اڄ فائنل ڪري ڇڏيون: چيف جسٽس

0
180

اسلام آباد: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جُڙيل فُل ڪورٽ طرفان سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي، چيف جسٽس چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته ڪيس اڄ فائنل ڪري ڇڏيون

چيف جسٽس چيو ته هڪ ڪيس کي کڻي نه ٿا ويهي سگهون، سپريم ڪورٽ ۾ پهريان ئي گهڻا ڪيسز آهن، اڄ هن قانون جو اثر خاص طور چيف جسٽس ۽ ٻن سينيئر ججز تي پوندو، اختيارن کي گهٽ نه ورهائڻ گهرجي

هن چيو ته هي قانون ايندڙ چيف جسٽز تي به لاڳو ٿيندو، چيف جسٽس جا اختيار ۽ پارليامينٽ جا اختيار آمهون سامهون آهن، ڪجهه ججز سمجهن ٿا ته پارليامينٽ ۽ چيف جسٽس جا اختيار آمهون سامهون آهن  ته ڪجهه ججز ايئن نه ٿا سمجهن

 ٻڌڻي دوران وڪيل اڪرام چوڌري اڳوڻي وزيراعظم بابت خبر پڙهي ٻڌائي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هو اهڙي خبر نه پڙهي، جنهن جو هن ڪيس سان ڪو تعلق ئي ناهي، عدالت کي سياسي بحث لاءِ استعمال نه ڪريو، ميڊيا موجود آهي، اتي وڃي سياست ڪريو، قانوني دليل ڏيو، اهي دليل ڏيو ته پارليامينٽ  ڪيئن عدليه جا حق سلب ڪيا

 قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هن قانون سان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون آهن، مان لفظ “جنگ” استعمال نه ڪندس، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر هاڻي قانون بڻجي چڪو آهي

حسبه بل ڪڏهن قانون بڻيو ئي نه هو، پارليامينٽ قانون سازي  ڪري سگهي ٿي يا نه، ان بحث ۾ نه وڃڻ گهرجي، اهو ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي يا نه؟ عدالت جڏهن آئيني ترميم به ڏسي سگهي ٿي ته ڳالهه ختم ٿي وئي، اوهان جو دليل آهي ته آئيني ترميم سان هي قانون ٺهي وڃي ته ٺيڪ آهي، جڏهن اوهان عدالت جي آزادي جي ڳالهه ڪريو ٿا ته ڇا اها آزادي پاڻ ناياب شئي آهي يا ماڻهن لاءِ آهي؟ ڇا عدالت جي آزادي صرف ان جي پنهنجي لاءِ آهي ته ان جو هر صورت ۾ دفاع ڪرڻو آهي؟ يا عدالت جي آزادي ماڻهن لاءِ نه آهي؟

ان ڳالهه تي روشني وجهو، جيڪڏهن سڀاڻي  پارليامينٽ قانون ٺاهي ٿي ته بيواهن جي  ڪيسز کي ترجيح ڏيو، ڇا ان قانونسازيءَ سان عدليه جي آزادي متاثر ٿيندي؟چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  چيو ته قانون سازي انصاف ڏيڻ جو رستو هموار  ۽ دشوار  ڪري رهي آهي ته اهو ٻڌايو، ڇا اسان جي آزادي پاڻ ئي ڪافي آهي يا ان جو تعلق ڪنهن ٻي سان به آهي؟

پارليامنٽ  ۽ عدليه الڳ آئيني ادارا آهن، جيڪڏهن اوهان پنهنجي معلومات تائين رسائي جي حق تحت ڪارروائي جي درخواست نه ڪئي ته اهو دليل نه ڏيو، اوهان پاڻ اسپيڪر  کي خط نه لکيو ۽ چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ ويهي بي بنياد دليل ٻڌي، پي ٽي وي تان عدالتي ڪارروائي لائيو نشر ٿي رهي آهي