سلام آباد: وزيراعظم جي چونڊ لاءِ ٿيل قومي  اسيمبلي جي اجلاس ۾ مريم نواز ، سندس مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر، حمزه شهباز شريف ۽ ٻين شخصيتن مهمانن جي گيلري ۾ ويهي ڪارروائي ڏٺي، مريم نواز شريف سان ن ليگ جا ميمبر ملندا رهيا، ن ليگ جي ذريعن ٻڌايو ته مريم نواز جي فون تي ميان نواز شريف جي فون آئي، جنهن شهباز شريف سان ڳالهائڻ پئي چاهيو، جنهن کانپوءِ اپوزيشن جي لابي ۾ مريم نواز شريف پهتي، شهباز شريف به ايوان مان نڪري لابي ۾ ويو، جنهن نواز شريف سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ مريم نواز واپس مهمانن جي گيلري ۾ پهتي.