نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ پرووينشل انسٽيٽوٽ آف ٽيچر ايڊيوڪيشن پائلٽ سنڌ نوابشاهه ۾ ايڪتا پروگرام  منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي عبدالمجيد ڀرٽ، غلام رسول زرداري ۽ ٻين چيو ته سنڌ سڄي دنيا اندر ازل کان امن، محبت، مذھبي ڀائيچاري ۽ رواداري جي ڌرتي طور مشھور رھي آھي، ھن ڌرتي جا ماڻھو سدائين امن پيار محبت ۽ عدم تشدد جھڙن گُڻن سان سرشار رھيا آھن، هنن چيو ته اڄ جڏھن سڄي دنيا نفسا نفسي ۽ انائن جھڙين بيمارين جي ور چڙھي وئي آھي تڏھن دنيا کي صرف سنڌ جي صوفي بزرگن جو آفاقي پيغام ئي ماڻپي ۽ انسانيت جي دڳ تي آڻي سگھي ٿو، پروگرام ۾ ٻارڙن ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ تقريرون ڪيون ۽  ثقافتي شين جو نماءُ ڪيو ويو.